ماسڪو _ 4 مارچ (اي پي پي) روس اعليٰ سفاتڪار سميت جاپان جي 09 شهرين تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق روس جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته جاپان جي پابندين جي جواب ۾ پرڏيهي وزير تاڪيشي ايويا سميت جاپان جي 09 شهرين جي روس ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي . وزارت چيو ته خصوصي فوجي آپريشن جي سلسلي ۾ اسان جي ملڪ خلاف جاپان طرفان لڳايل پابنديون جاري پاليسي جي جواب طور اهو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان فهرست ۾ يوڪرين ۾ جاپان جو سفير ماساشي ناڪاگوم، اڳوڻو سفير ڪونينوري ماتسودا، جاپان انٽر نيشنل ڪوآپريشن ايجنسي جو سينيئر نائب صدر شوهي هارا، يوڪرين ۾ انٽر نيشنل ڪوآپريشن ايجنسي جو سربراهه هيديڪي، آئي ايڇ آئي جا اعليٰ عهديدار ۽ سائبرن لميٽيڊ جا اعليٰ آفيسر به شامل آهن.