اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ميري ٽائيم ۽ ايوي ايشن جي شعبن ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس موجب اجلاس ۾ دفاع واري سيڪريٽري، نجڪاري، بورڊ آف روينيو، قانون، ميري ٽائيم افيئرز ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.