تل ابيب- 03 مارچ (اي پي پي)اليڪٽرڪ گاڏيون ٺاهيندڙ چين جون ڪمپنيون اسرائيل ۾ پنھنجي گاڏين جي وڪري ۾ پھرين نمبر تي اچي ويون آهن. پرڏيھي ميڊيا مطابق اسرائيل وھيڪل امپورٽرز ايسوسيئيشن پاران جاري ڪيل انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آھي ته چيني ڪارساز ڪمپني بي وائي ڊي 2025ع جي پھرين ٻن مھينن ۾ اسرائيل ۾ اليڪٽرڪ ڪارن جي وڪري ۾ پھرين نمبر تي رھي. وائي ڊي، في الحال اسرائيل ۾ چار اليڪٽرڪ ماڊل پيش ڪري رھي آھي، جنوري کان فيبروري ۾ ان ڪمپني جون 2،386 گاڏيون وڪرو ٿيون. جنوري ۽ فيبروري دوران چيني برانڊز اسرائيل جي اليڪٽرڪ ڪارن جي وڪري ۾ چيني ڪمپنين جو حصو 86.6 سيڪڙو رھيو ۽ انھن مجموعي طور تي 9،530 يونٽس وڪرو ڪيا. چيني ڪمپنين ٻن مھينن ۾ اسرائيل ۾ 17،959 يونٽس وڪرو ڪيا.