لنڊن – 3 مارچ (اي پي پي ) يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي چيو آهي آمريڪا سان معدنيات بابت معاهدي تي صحيحيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن لنڊن ۾ اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڌريون تيار هجن ته غور هيٺ معاهدي تي صحيحيون ٿي سگهن ٿيون . هن وڌيڪ چيو ته اسان جي پاليسي ماضي ۾ ٿيل قدمن کي جاري رکڻ واري آهي ۽ اسان تعميري رويو رکون ٿا. جيڪڏهن ڌريون معدنيات جي معاهدي تي صحيحيون ڪرڻ تي متفق هجن ته اسان ان لاءِ تيار آهيون . يوڪرين جي صدر چيو ته اهڙو ڪو ڏينهن ناهي گذريو جڏهن يوڪرين آمريڪا جي حمايت تي پاڻ آمريڪا جو شڪرگذار محسوس نه ڪيو هجي . هن آمريڪا سان اتحاد لاءِ وڌيڪ سفارتي ڪوششن جو اشارو به ڏنو . هن چيو ته امن لاءِ سفارتڪاري ٿيندي اهو لاءِ جو اسان سڀ گڏ آهيون. يوڪرين پوري يورپ ۽ يقينن آمريڪا سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي .يوڪرين جي صدر چيو ته يقينن اسان آمريڪا جي اهميت سمجهون ٿا ۽ اسان آمريڪا طرفان ملندڙ حمايت جا شڪر گذار آهيون.