ويٽي ڪن سٽي – 03 مارچ (اي پي پي) ڪيٿولڪ مسيحي فرقي جي سربراه پوپ فرانسس سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آھي. پرڏيھي خابرو اداري مطابق ويٽي ڪن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ھن چيو ته مان امن لاءِ سڀني کان وڌيڪ دعا ڪندو آھيان ڇو ته جنگ وڌيڪ نقصان ڏيندڙ لڳي رھي آھي . پوپ فرانسس جيڪو سخت نمونيا کي منھن ڏئي رھيو آھي، ھن پنھنجي لکت واري تقرير ۾ سڄي دنيا جي تڪرارن جي حل لاءِ دعا ڪراڻڻ وقت خاص ڪري يوڪرين، فلسطين، اسرائيل، لبنان، ميانمار، سوڊان ۽ اوڀر جمھوريه ڪانگو جي خطي ڪيوو جو ذڪر ڪيو. ھن صحتيابي ۽ نيڪ خواھشن جي پيغامن لاءِ 1.4 بلين ڪيٿولڪ عوام جو تحريري طور تي شڪريو ادا ڪيو.