واشنگٽن -03 مارچ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 4 مارچ اڱاري تي ڪانگريس جي گڏيل اجلاس کي خطاب ۾ آمريڪا ۽ دنيا لاءِ پنهنجو ويزن پيش ڪندو. اميد آهي ته صدر ان موقعي تي پنهنجو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ پهرين 43 ڏينهن دوران جاري ڪيل ايگزيڪيوٽو آرڊرز جو جواز ۽ پنهنجي مدي جي بقايا 1419 ڏينهن جو خاڪو پيش ڪندو. ٽرمپ جي ويجهي ساٿي ۽ فٽبال جي اڳوڻي ڪوچ، رياست الاباما مان چونڊيل سينيٽر ٽومي ٽو برويل انسٽاگرام تي پنهنجي پيغام ۾ ان اميد جو اظهار ڪيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ان موقعي تي پنهنجي انتظاميه جي هاڻي تائين ڪاميابين کي اجاگر ڪندو ۽ ايندڙ چئن سالن لاءِ ترتيب ڏنل پلان پيش ڪندو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ارب پتي صلاحڪار ايلون مسڪ سان گڏ صدر جي ”آمريڪا کي ٻيهر عظيم بڻايون“ جي ايجنڊا کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ سخت ۽ تيز رفتاري سان اڳيان وڌائڻ جو پنهنجو ارادو اڳ ئي ظاهر ڪري چڪا آهن. آمريڪي صدر پنهنجو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ وفاقي ايجنسين کي ختم ڪرڻ، هزارين سرڪاري ملازمن کي برطرف ڪرڻ ۽ غير دستاويزي پرڏيهين کي ڪيوبا ۾ گوانٽانامو بي جي آمريڪي فوجي اڏي تي منتقل ڪرڻ جهڙا قدم کڻي چڪو آهي. هو ان کان علاوه پنهنجي پاڙيسري ملڪ ڪينيڊا ۽ پنهنجي پراڻي اتحادي بلاڪ يورپي يونين ۽ يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي سان سخت روئيي جو مظاهرو ڪري چڪو آهي.