گڏيل قومون – 3 مارچ (اي پي پي)گڏيل قومن اسرائيل طرفان غزه پٽي ۾ امداد جي معطلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي انساني امداد جي فوري بحالي جو مطالبو ڪيو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش اسرائيل طرفان غزه پٽي ۾ امداد جي معطلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي انساني امداد جي فوري بحالي جو مطالبو ڪيو آهي. هن اهو مطالبو اسرائيل طرفان ڦاٿل فلسطيني علائقن ۾ سامان ۽ امداد جي داخلا کي معطل ڪرڻ جي اعلان بعد ڪيو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان اسٽيفين دوجارڪ بيان ۾ چيو آهي ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل غزه ۾ فوري طورتي انساني همدردي جي بحالي ۽ سمورن قيدين جي آزادي جو مطالبو ورجايو. هن چيو ته اسان سمورين ڌرين تي زور ڀريون ٿا ته هو غزه ۾ جنگ کان بچڻ لاءِ هر ممڪن ۽ ضروري ڪوششون ڪن. گڏيل قومن جي انساني همدردي جي ٽام فلچر اسرائيل طرفان غزه پٽي لاءِ انساني امداد جي معطلي جي فيصلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي غزه ۾ جنگ بندي معاهدي کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڀريو . هن ايڪس تي پوسٽ ۾ چيو ته اسرائيل جو غزهلاءِ امداد معطل ڪرڻ جو فيصلو پريشان ڪندڙ آهي. عالمي قانون واضع ٿو ڪري ته زندگيون بچائيندڙ امداد جي فراهمي جاري رکڻ گهرجي. هن جنگ بندي لاڳو ڪرڻ جي شروعات جو حوالو ڏيندي گذريل 42 ڏينهن ۾ ٿيل اڳڀرائي تي پوئتي نه هٽڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته جنگ بندي کي برقرار رکڻ گهرجي . عالمي تنظيم ريڊ ڪراس جي عالمي ڪميٽي جي صدر غزه پٽي ۾ جنگ بندي کي برقرار رکڻ ۽ ماڻهن کي مايوسي طرف ڌڪڻ کان بچڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش جو مطالبو ڪيو . هن گذريل بيان ۾ چيو ته جنگ بندي کي برقرار رکڻ لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏڻ گهرجي ته جيئن جنگ کان بچي سگهجي. هن چيو ته غزه ۾ انساني امداد جي اجازت ڏني وڃي ۽ وڌيڪ خاندانن کي امداد ۾ شامل ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته 15 مهينن کان وڌيڪ عرصي کان جاري جنگ بعد 19 جنوري تي لاڳو جنگ بندي معاهدي ڪيتريون ئي زندگيون بچايون ۽ اميد جي روشني فراهم ڪئي . هن ان ڳالهه تي زور ڀريندي چيو ته گذريل ڪجهه هفتن جي رفتار ۾ ڪهڙي به طرح جي گهٽتائي ماڻهن کي مايوسي طرف ڌڪڻ جو خطرو آهي. واضع رهي ته اسرائيل گذريل ڏينهن غزه پٽي لاءِ انساني امداد معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.