اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ خلائي تحقيق ۾ تعاون جو ٺاهه ۽ پهرين پاڪستاني خلاباز کي چين جي خلائي اسٽيشن تائين وٺي وڃڻ جو قدم پاڪ چين دوستي جو هڪ نئون باب آهي، ٺاهه سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط دوستي جي عڪاسي ٿي رهي آهي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي عظيم منصوبي جي ذريعي پاڪستان ۾ وڏا وڏا منصوبا مڪمل ڪيا ويا، اسپارڪو کي پاڪ چين خلائي تعاون مان ڀرپور طريقي سان فائدو کڻڻو پوندو. هن اها ڳالهه قومي خلائي ايجنسي، پاڪستان اسپيس اينڊ اپرايٽموسفيئر ريسرچ ڪميشن ۽ عوامي جمهوريه چين جي مينڊ اسپيس ايجنسي سان گڏيل تعاون جي معاهدي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي جنهن تحت پاڪستان جي پهرين خلاباز کي چيني خلائي اسٽيشن تيانگونگ جي مشن تي روانو ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ خلائي تحقيق ۾ تعاون جو ٺاهه پاڪ چين دوستي جو هڪ نئون باب آهي ۽ ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط دوستي جي عڪاسي ٿي رهي آهي، ان ٺاهه سان پهرين پاڪستاني خلاباز کي چيني خلائي اسٽيشن تي وڃڻ جي تربيت جا موقعا ملندا. ان ٺاهه سان چيني حڪومت پاران ٻين شعبن کانسواءِ خلائي تحقيق جي شعبي ۾ پاڪستان سان تعاون کي مضبوط ڪرڻ جي پڻ عڪاسي ٿي رهي آهي. وزيراعطم چيو ته هو چين جي صدر شي جن پنگ جو ٿورائتو آهي جنهن نه رڳو ان شعبي پر 2015ع کان چين پاڪستان اقتصادي لنگهه تي تيزي سان عملدرآمد جي صورت ۾ پاڪستان سان تعاون ۽ ملڪي معيشت کي مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. ان عظيم منصوبي جي ذريعي پاڪستان ۾ وڏا وڏا منصوبا مڪمل ڪيا ويا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ اسپارڪو جي اداري جو قيام 1961ع ۾ عمل ۾ آيو هو پر اسان ان شعبي ۾ اسان خاص ترقي نه ڪئي، پاڪستان هاڻي چين سان ان پروگرام کي اڳتي وڌائي رهيو آهي، اسان کي نه رڳو ان کي ڪامياب بڻائڻو آهي پر ليڊرشپ ۽ محنت جي ذريعي پنهنجي نوجوانن جي لاءِ نيون راهون ۽ نوان موقعا ڳولڻ سان گڏوگڏ انهن جي امنگن کي بارآور ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته اسپارڪو تي ان حوالي سان وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي، اسپارڪو کي ان تعاون مان ڀرپور طريقي سان فائدو کڻڻو پوندو. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو ته اڄ جي ٺاهه سان پاڪ چين دوستي آسمانن کان اونچي ٿي وئي آهي. حڪومت وزيراعظم جي قيادت ۾ ملڪ کي ٽيڪنالاجي جي ذريعي اڳتي وڌائڻ جي جيڪا ايجنڊا جوڙي آهي ان ۾ خلائي ٽيڪنالاجي پڻ اهم شعبو آهي. خلائي ٽيڪنالاجي ملڪن جي اقتصادي وڌاويجهه، قومي سلامتي ۽ ماحولياتي ۽ موسمياتي پائيداريت جي ضمانت بڻجي وئي آهي. اندازو آهي ته تمام جلد هڪ هڪ ٽريلين ڊالر جي صنعت بڻجي ويندي. مختلف ملڪ ان ٽيڪنالاجي ۾ تيزي سان اڳتي وڌي رهيا آهن. پاڪستان 1961ع ۾ پنهنجي خلائي ايجنسي قائم ڪئي پر اسان ان شعبي ۾ پنهنجي ليڊرشپ برقرار نه رکي سگهياسين. اڏار پاڪستان جي ذريعي اسان پاڪستان جي ان وڃايل مقام کي حاصل ڪرڻ جي مختلف شعبن ۾ اڳتي وڌڻ جو منصوبو ٺاهي چڪا آهيون. هن چيو ته زراعت، آفتن کي منهن ڏيڻ، موزونيت، شهري منصوبابندي، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ سڀ کان وڌيڪ اسان جي بقاءَ ۽ سلامتي جو مستقبل خلائي ٽيڪنالاجي سان واڳيل آهي. هن چيو ته موجوده ٺاهه هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو ۽ ان سان پاڪستان زمين کان مدار ۾ پهچڻ جي قابل ٿي ويندو. هي پروگرام خلائي تحقيق جي شعبي ۾ پاڪستاني قوم جي امنگن ۽ خواهشن موجب آهي. ان سان اسان جي نوجوانن ۽ ذهين دماغن کي پنهنجي ويزن ۽ خيالن کي نئين ايجادن جي صورت ۾ آڻڻ جا موقعا ملندا. چين جي مينڊ اسپيس ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل پروفيسر لين شي چيانگ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون ۽ دوستي جي حوالي سان تاريخي لمحو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ايرو اسپيس جي شعبي ۾ تعاون خوش آئنده آهي. ٺاهه تحت ويجهي مستقبل ۾ پهرين پاڪستاني خلاباز کي چين جي خلائي اسٽيشن ۾ پهچائڻ جي تربيت ۽ موقعا فراهم ڪنداسين. ان کانسواءِ پاڪستاني خلابازن کي تربيت پڻ ڏني ويندي. هن چيو ته چين پهرين غيرملڪي خلاباز کي پنهنجي خلائي اسٽيشن کڻي وڃڻ جي لاءِ پاڪستان جي چونڊ ڪئي آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سدابهار اسٽريٽجڪ حصيداري جي عڪاسي ٿي رهي آهي. هن چيو ته هو يقين ڏيارين ٿا ته معاهدي تحت چين سمورن هدفن ۽ طئي ڪيل معاملن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ ۾ مڪمل طور پرعزم آهن. تقريب کي اسپارڪو جي چيئرمين محمد يوسف خان خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جا ٽي مصنوعي سيارا خلا ۾ موجود آهن جيڪي مڪمل طور تي فعال آهن. هن سال جي آخر تائين 4 وڌيڪ سيارن کي خلا ۾ زمين جي مدار ۾ پهچايو ويندو. 2011ع کان پاڪستان جيو اسٽيشنري مدار ۾ ٻه مواصلاتي سيارا پهچايا آهن. مئي 2024ع ۾ پاڪ سيٽ ايم ايم ون کي مدار ۾ پهچايو ويو جيڪو ڊيجيٽل پاڪستان جي حوالي سان هڪ سنگ ميل آهي. هن چيو ته انساني خلائي مشن جي قدم سان خلا کي فتح ڪرڻ جي حوالي سان اسان جي عزم جي عڪاسي ٿي رهي آهي. هن چيو ته هن ٺاهه تحت پهرين پاڪستاني خلاباز جي چونڊ ڪئي ويندي، ان کي خلابازي جي تربيت ڏني ويندي ۽ ان کي چين جي خلائي اسٽيشن تائين کڻي وڃڻ جو موقعو ملندو. تقريب ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، پاڪستان ۾ چين جي سفير ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پاڪ چين معاهدي تحت ٻه پاڪستاني خلاباز چين جي ايسٽروناٽ سينٽر ۾ تربيت حاصل ڪندا. انهن مان هڪ خلاباز کي سائنسي پي لوڊ اسپيشلسٽ جي طور تي تربيت ڏني ويندي جيڪو چين اسپيس اسٽيشن ۾ مخصوص سائنسي تحقيق جي لاءِ تيار ٿيندو. خلاباز جي چونڊ جو عمل 2026ع تائين مڪمل ڪيو ويندو جنهن کانپوءِ هو سي ايس ايس جي منصوبي موجب ايندڙ مشن ۾ شموليت اختيار ڪندو. پاڪستان جي پهرين خلاباز جو مشن جديد سائنسي تجربن تي ٻڌل هوندو جن ۾ حياتياطي ۽ طبي سائنس، ايرو اسپيس، اطلاقي طبيعيات، سيال ميڪينڪس، خلائي تابڪاري، ماحوليات، ميٽريلز سائنس، مائيڪرو گريويٽي اسٽڊيز ۽ فلڪيات جهڙا شعبا شامل هوندا. چين اسپيس اسٽيشن جديد تجرباتي سهولتن ۽ اوزارن سان ليس آهي جيڪا انهن شعبن ۾ وسيع تحقيق جي اجازت ڏي ٿي، انهن تجربن جا نتيجا طبي تحقيق، ماحولياتي نگراني ۽ خلائي ٽيڪنالاجي ۾ نمايان ترقي جو سبب بڻجندا جنهن جا اثر زمين تي انساني زندگي جي فائدي ۾ استعمال ٿي سگهندا.