لاڙڪاڻو-27 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر چيو آهي ته سنڌ حڪومت جلد ئي لاڙڪاڻي ۾ هڪ نئين جديد اسپتال جي تعمير شروع ڪندي، منشيات جي خاتمي لاءِ لاڙڪاڻي واسي پوليس کي آئس، منشيات ۽ جوا جي اڏن بابت اطلاع ڏين، شهر ۾ سيف سٽي جي نظام کي اپ گريڊ ڪيو ويندو. اهڙين خيالن جو اظهار هُن صحافين جي وفد سان ڪيو، جن لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صدر مرتضيٰ ڪلهوڙو ۽ جنرل سيڪريٽري نويد لاڙڪ جي اڳواڻيءَ ۾ ساڻس پريزيڊنٽ هائوس نئون ديرو ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ امن امان، ترقياتي ڪمن ۽ ٻين اهم معاملن تي ڳالھيون ڪيون ويون. ان موقعي تي ڳالهائيندي فريال ٽالپر چيو ته ڪراچي ۾ نشي جي معاملي تي نوجوان جو قتل انتهائي افسوسناڪ آهي، لاڙڪاڻي ضلعي جي رهواسين کي گهرجي ته فوري طور تي پوليس کي آئس، منشيات ۽ جوا جي اڏن بابت اطلاع ڏين ته جيئن سماج مان برائيون ختم ٿي سگهن. هن چيو ته هن وفاقي حڪومت سان لاڙڪاڻي ۾ صنعتي ٽيڪس فري زون جي قيام ۽ گئس جي فراهمي بابت ڳالهايو آهي ۽ شهر ۾ سيف سٽي جي نظام کي اپ گريڊ ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪيترن ئي سالن کان لاڙڪاڻي ضلعي ۾ پوليس ٿاڻن تي مقرر ايس ايڇ اوز چورن ۽ ڌاڙيلن کان باخبر آهن ۽ اسان هن معاملي تي پڻ نظر رکي رهيا آهيون. هن چيو ته لاڙڪاڻي کان پوءِ رتوديرو ۾ امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ اي ايس پي مقرر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جلد ئي لاڙڪاڻي ۾ هڪ نئين جديد اسپتال جي تعمير شروع ڪندي. هن چيو ته ڀنگ لاءِ اغوا وارن واقعن ۾ گهٽتائي آئي آهي.