تل ابيب _27 فيبروري (اي پي پي ) اسرائيل ڌمڪي ڏني آهي ته ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ فوجي آپريشن جي ضرورت پئجي سگهي ٿي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اها ڳالهه اسرائيلي پرڏيهي وزير گيدون ساعر هڪ بيان ۾ چئي آهي. گيدون ساعر چيو ته ايران ٻه ايٽمي بم ٺاهڻ لاءِ وڏي مقدار ۾ يورنيم جو رچاءَ ڪري ورتو آهي. جيڪڏهن هو ايٽم بم تيار ڪري ٿو ته ان سان وچ اوڀر ۾وڌيڪ عدم استحڪام پيدا ٿي ويندو . هن چيو ته اسرائيل سفارتي نقط نظر تي عمل ڪرڻ چاهي ٿو، ايران جي ايٽمي پروگرام کي روڪڻ ۾ ناڪامي اسرائيل جي سلامتي لاءِ تباهي هوندي. آمريڪي ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارت دوران حملن جي امڪان بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته ايراني ايٽمي پروگرام کي روڪڻ لاءِ( ان کان اڳ ته هو يورينيم کي ايٽمي هٿيارن جي تياري لاءِ استعمال ڪري) اسان وٽ هڪ اعتماد جوڳو فوجي آپشن هجڻ گهرجي.