رياض – 27 فيبروري (اي پي پي) سعودي پرڏيهي وزير شهزادو فيصل بن فرحان سان ايراني هم منصب عباس عراقچي ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب رابطي دوران علائقائي صورتحال ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کان اڳ سعودي پرڏيهي وزير شهزادو فيصل بن فرحان وزارت جي هيڊڪوارٽر ۾ نيوزيلينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ونسٽن پيٽرز جي آجيان ڪئي هئي. ملاقات ۾ ٻه طرفه لاڳاپن ۽ انهن کي مضبوط بنائڻ ۽ ترقي ڏيڻ جي طريقن جو جائزو ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.