اسلام آباد-27 فيبروري (اي پي پي) گهرو واري وفاقي وزير محسن نقوي آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ کي 6 سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪ فضائيه جي بهادر شاهينن کي زبردست لفظن ۾ خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. هن چيو ته 27 فيبروري 2019ع تي پاڪستاني شاهينن دشمن کي شڪست ڏني ۽ دشمن جي اڳرائيءَ جو مُنهن توڙ جواب ڏنو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته وطنِ عزيز جي فضائي حدن جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار پاڪ فضائيه جي شاهينن کي خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا، جن دشمن جي ناپاڪ اِرادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪ فضائيه پنهنجي پيشيوراڻي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي دشمن جي فضائي طاقت جو غرور مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. پاڪستان جي شاهينن جرئت، شجاعت ۽ بهادريءَ جي اڻمٽ داستان لکي جنهن تي پوري قوم کي فخر آهي. هن چيو ته 27 فيبروريءَ جو ڏينهن پاڪ فضائيه جي تاريخ جو سونهري باب آهي ۽ قوم پاڪ فضائيه جي شاهينن جي بي مثال خدمتن کي هميشه ياد رکندي. آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ پاڪ فضائيه جو تاريخي آپريشن هو، جنهن ۾ پاڪستان دشمن جي فضائي حدن ۾ مداخلت تي فوري ۽ مؤثر جواب ڏنو. هن چيو ته اسان کي پي اي ايف جي ڪاميابيءَ تي فخر آهي ۽ پاڪ فضائيه جي بهادر پُٽن جي بي مثال جذبي کي سلام پيش ڪريون ٿا.