اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ جي 6 سال گذرڻ جي موقعي تي پاڪ فوج جي جرئت ۽ بهادري، پيشيواراڻي صلاحيتن ۽ قرباني جي جذبي کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته ڀارت جي خطي ۾ جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندي اسان جي فوج اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته پاڪستان جي سلامتي جي لاءِ اسان جا جوان هر وقت تيار آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته اڄ کان 6 سال اڳ 27 فيبروري 2019ع جي ڏينهن پاڪستان ايئرفورس پاران دشمن کي هڪ واضح پيغام ڏنو ويو ته پاڪستان پنهنجي سرحدن جي حفاظت جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو، ڀارت جي خطي ۾ جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندي اسان جي فوج اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته پاڪستان جي سلامتي جي لاءِ اسان جا جوان هر وقت تيار آهن. هن چيو ته آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ ۾ پاڪستان ايئرفورس پنهنجي عسڪري صلاحيتن ۽ ملڪ جي حفاظت جي پختي عزم سان دشمن کي واضح پيغام ڏنو ته پاڪ فوج ملڪي سلامتي جي لاءِ ڪنهن به طرح جي جارحيت جي مقابلي جي ڀرپور صلاحيت ۽ قابليت رکي ٿي، پاڪ فوج ملڪ جي حفاظت جي لاءِ هر وقت تيار آهي. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم کي پنهنجي بهادر فوج تي فخر آهي، پاڪ فوج جون ملڪ جي حفاظت جي خاطر عظيم قربانيون آهن جن کي پاڪستاني قوم ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهي. هن چيو ته پاڪستان علائقائي امن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سدائين ڪوششون ڪندو رهيو آهي پر جڏهن پاڪستان جي قومي سلامتي ۽ استحڪام تي ضرب لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پوري قوم شيهي جي ديوار وانگر متحد ٿي وئي.