اسلام آباد – 26 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي ابوظهبي جو ولي عهد شيخ خالد بن محمد بن زيد النهيان 27 فيبروري (خميس) تي پاڪستان جو پهريون سرڪاري دورو ڪندو، ساڻس گڏ اعليٰ سطح جو وفد پڻ هوندو جنهن ۾ وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن کانسواءِ ناليوارا ڪاروباري اڳواڻ پڻ هوندا. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اهو دورو پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ گهري ڀائراڻي لاڳاپن کي اجاگر ڪري ٿو ۽ ٻطرفي اقتصادي حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. دوري دوران ولي عهد پاڪستان جي قيادت سان گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ، تاريخي رشتن کي مضبوط بڻائڻ ۽ اقتصادي ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪندو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته دوري دوران گهڻ رخي شعبن ۾ ڊگهي مدي واري تعاون جي لاءِ موجوده مضبوط فريم ورڪ کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون وينديون، اميد آهي ته ان سان ٻنهي ملڪن ۽ عوام جي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ گڏيل منصوبن جي لاءِ نوان موقعا پيدا ٿيندا. بيان موجب پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ سدائين گڏيل احترام، اعتماد ۽ گڏيل خواهشن تي ٻڌل لاڳاپا رهيا آهن، ولي عهد شيخ خالد بن محمد بن زيد النهيان جو دورو گڏيل تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي عزم کي ظاهر ڪري ٿو جيڪو وڌندڙ حصيداري ۽ مضبوط ماڻهن جي وچ ۾ رابطي جو عڪاس آهي.