تاشقند – 26 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٽرانس افغان ريلوي پراجيڪٽ گيم چينجر منصوبو ثابت ٿيندو، پاڪستان منصوبي تي عملدرآمد ۾ پرعزم آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ توانائي، کاڻين جي کوٽائي، معدنيات، ٽيڪسٽائيل، آءِ ٽي ۽ سياحت ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي وسيع صلاحيت موجود آهي، ٻنهي ملڪن جا واپاري گڏيل منصوبن جي ذريعي گڏيل واپاري لاڳاپن ۾ اضافي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن اها ڳالهه تاشقند م پاڪستان ازبڪستان بزنس فورم کي خطاب ڪندي چئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ناليواري ازبڪ فلسفي ۽ شاعر علي شير نووائي هڪ ڀيرو چيو هو ته اقتصادي واڌويجهه سان شهر خوشحال ٿيندا آهن، بزنس فورم جي انعقاد سان نه رڳو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل فائدي جي لاءِ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو پر هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ جو پڻ موقعو ملندو. وزيراعظم چيو ته ازبڪستان جي صدر صحيح چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جا واپاري ۽ سيڙپڪار هڪ ٻئي جا ڪمپيٽيٽر نه آهن پر سمورن ممڪن شعبن ۾ گڏيل فائدي جي لاءِ هڪ ٻئي کي تعاون پيش ڪندڙ آهن، بزنس فورم اسان جي گڏيل هدفن ۽ خواهشن موجب گڏيل خواب جي تڪميل جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي، آئون پاڪستاني واپارين ۽ سيڙپڪارن سان گڏوگڏ ازبڪستان جي صدر جو پڻ ٿورائتو آهيان جنهن مصروف شيڊيول جي باوجود هن اهم ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي ۽ صنعتڪاري، واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ هڪ اميد ۽ عظيم عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته هن ازبڪستان جي صدر سان مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ جي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ان سان يقيني طور تي ٻنهي ملڪن جي واپارين ۽ سيڙپڪارن پاران گڏيل واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ بزنس ٽو بزنس معاهدن جي ڪوششن کي سگهه ملندي، اسان ٽرانس افغان ريلويز منصوبي تي پڻ ڳالهه ڪئي آهي، اهو 7 ارب ڊالر ماليت سيڙپڪاري جو هڪ وڏو منصوبو آهي، ازبڪستان جو صدر ان منصوبي لاءِ پرعزم آهي ۽ آئون يقين ڏياريان ٿو ته هي منصوبو هڪ گيم چينجر منصوبو ثابت ٿيندو، اهو افغانستان جي رستي ازبڪستان کان پاڪستان تائين هڪ لنگهه هوندو، ان سان پوري خطي ۾ واپار جي شڪل تبديل ٿي ويندي، پاڪستان ان منصوبي جي لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهي، اسان ان منصوبي کي جلد کان جلد عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ ٻين ملڪن سان گڏجي ڪم ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي شعبي ۾ ازبڪستان مهارت رکي ٿو، ازبڪستان ۾ ٽامو ڪڍيو وڃي ٿو ۽ ان سان ٻيون مصنوعات تيار ٿين ٿيون، اسان کي پاڪستان ۾ ان جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي کاڻين جي کوٽائي جون ڪمپنيون خام معدنيات ڪڍن ٿيون ۽ ان کي موڪلين ٿيون، ان شعبي ۾ ويليو ايڊيشن ناهي هوندي، ڪابينا جي تازي اجلاس ۾ اسان فيصلو ڪيو آهي ته اڳتي اهڙي ڪنهن به ڪمپني کي ٺيڪو نه ڏنو ويندو جنهن سان ڊائون اسٽريم انڊسٽري نه هوندي. وزيراعظم چيو ته توانائي جو شعبو به اهميت رکندڙ آهي، ازبڪستان ۾ هوا ۽ سج سان هزارين ميگاواٽ متبادل توانائي جي پيداوار حاصل ٿي رهي آهي، ان شعبي ۾ ڀائر ملڪن سعودي عرب، قطر ۽ يو اي اي سيڙپڪاري پڻ ڪئي آهي، مون پنهنجي ڀاءُ شوڪت مرزايوف کي چيو ته پاڪستان ۾ سج ۽ هوا سان بجلي جي پيداوار جي وسيع صلاحيت موجود آهي، پاڻي سان بجلي پيدا ڪندڙ منصوبا ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جاري آهن، توانائي اهڙو شعبو آهي جنهن ۾ پاڪستان ۽ ازبڪستان هڪ ٻئي سان ويجهو تعاون ڪري سگهن ٿا.

وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان ۾ خصوصي اقتصادي زونز هڪ ٻيو اهم شعبو آهي، ازبڪستان جي صدر چيو آهي ته سندس ملڪ ۾ ٽيڪسٽائيل وينچرز کي فعال ۽ جديد مئنيجمينٽ ۽ ٽيڪنالاجي جي ضرورت آهي، هن واضح طور تي پاڪستان جي واپارين ۽ سيڙپڪارن کي ٽيڪسٽائيل وينچرز جي مئنيجمينٽ سنڀالڻ جي دعوت ڏني آهي، اهو پاڪستاني واپارين جي لاءِ هڪ بهترين موقعو آهي، پاڪستاني واپارين کي ان مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي، اهو ٻنهي ڌرين جي لاءِ هڪ جهڙا فائدا رکندڙ هوندو، اهڙي طرح چمڙي، دوائن ۽ جرحي اوزارن ۾ پاڪستان جي مهارت مڃيل آهي. وزيراعظم چيو ته اسان ويزائن ۾ رعايت تي پڻ ڳالهه ڪئي آهي، ازبڪستان پاران نائب وزيراعظم اسحاق ڊار کي يقين ڏياريو ويو آهي ته پاڪستاني بزنس ڪميونٽي ۽ حڪومتي اهلڪارن کي بنا ڪنهن دير جي ويزا جاري ڪيا ويندا، ان سان واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم چيو ته سياحت هڪ ٻيو شعبو آهي جتي ٻئي ملڪ هڪ ٻئي سان تعاون ڪري سگهن ٿا، بخارا ۽ ثمرقند ۾ تاريخي سياحتي جايون آهن، انهن علائقن ۾ سياحت کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو، پشاور، لاهور، ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ پاڪستان جي ٻين علائقن جي سياحن کي انهن علائقن جو دورو ڪرڻ گهرجي، اهڙي طرح ازبڪستان جي شهرين کي لاهور ۾ بادشاهي مسجد، شاهي قلعي، ڪراچي، پشاور جي قصه خواني بازار، ڪوئيٽا ۽ ملڪ جي قدرتي حسن سان مالامال اترئين علائقن جو دورو ڪرڻ گهرجي، ٻنهي ملڪن جي بزنس مينن کي گڏيل منصوبن جي ذريعي انهن سياحتي ماڳن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي ۽ ان سان نه رڳو ٻئي ملڪ پر عالمي سياحن جي اچ وڃڻ ۾ پڻ اضافو ٿيندو، اهو اسان جو گڏيل ويزن آهي جيڪو ٻنهي ملڪن جي فائدي ۾ آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جي واپارين ۽ سيڙپڪارن کي انهن موقعن مان سنجيدگي سان فائدو کڻڻ گهرجي، پاڪستان حڪومت ان حوالي سان سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ پرعزم آهي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ ايس آءِ ايف سي اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ٻنهي ملڪن جا ڪيترائي آفيسر هڪ ٻئي سان رابطو قائم رکندا، سمورين لاڳاپيل وزارتن جا نمائندا پاڪستان جو دورو ڪندا ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ معاهدن تي عملدرآمد جو جائزو وٺندا. وزيراعظم چيو ته ڪراچي ۽ گوادر پورٽ درآمدات، برآمدات ۽ ٽرانزٽ گڊز جا واپاري مرڪز هوندا، اين ايل سي افغانستان جي رستي وچ ايشيائي رياستن تائين سامان جي چرپر ڪري چڪي آهي، اسان ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو آهي ته سامان جي چرپر جي لاءِ اين ايل سي پنهنجي ازبڪ هم منصب اداري سان گڏجي گڏيل ڪمپني ٺاهيندي، اها ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ ٻي اهم ڪاميابي آهي، اسان سمجهون ٿا ته معدنيات جي شعبي ۾ گڏيل منصوبا اهم موثر ثابت ٿيندا، ٻئي ملڪ توانائي جي شعبي ۾ گڏيل منصوبا شروع ڪري سگهن ٿا، اهڙي طرح انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ تي پڻ اسان جي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. هن پاڪستاني واپارين کي چيو ته اهي بخارا کان تاشقند ۽ ثمرقند تائين سياحت جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪن. وزيراعظم شاندار استقبال تي ازبڪستان جي صدر ۽ عوام جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو اسلام آباد ۾ پنهنجي ڀاءُ جي استقبال جي لاءِ منتظر آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان گڏجي عالمي دنيا ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. ان کان اڳ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف فورم کي خطاب ڪندي چيو ته هن پاڪستان جي قيادت ۽ بزنس ليڊرن سان سمورن شعبن ۾ ممڪن تعاون کي فروغ ڏين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي، اسان مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ پرعزم آهيون، ازبڪستان جي دوري تي اسان کي خوشي ٿي آهي ۽ اسان پاڪستان جي واپارين کي ڀليڪار چئون ٿا، ازبڪستان ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ گڏيل ڪاروباري منصوبن جي حوالي سان وسيع موقعا موجود آهن. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ گذريل هڪ سال دوران پاڪستان اهم ڪاميابيون سهيڙيون آهن، هڪ ڀائر ملڪ ۽ قوم جي حيثيت سان پاڪستان جي انهن ڪاميابين تي اسان کي خوشي ٿي آهي، پاڪستان ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري، جي ڊي پي ۾ اضافو، مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ وياج جي شرح ۾ گهٽتائي پاڪستان جي لاءِ اهم ڪاميابيون آهن، آئون پنهنجي ۽ ازبڪستان جي عوام پاران دل جي گهرائين سان وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان جي حڪومت کي انهن ڪاميابين تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي قيادت سان اسان مختلف شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي ۽ ان حوالي سان سياسي عزم موجود آهي، ٻئي ملڪ شنگهائي تعاون ڪائونسل ۽ اسلامي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي حيثيت سان مختلف عالمي ۽ علائقائي معاملن تي هڪ جهڙا خيال رکن ٿا. هن چيو ته معيشتن کي اڳتي وڌائڻ ۾ واپاري ۽ ڪاروباري برادري اهم حيثيت رکي ٿي، ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي گڏيل سياسي عزم جي حوالي سان هي دورو تاريخي اهميت رکندڙ آهي، گڏيل تعاون ۾ اضافي جي لاءِ اسان پاڪستان جي قيادت سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ۽ ڪمپنين کي درپيش مسئلن تائين جي معاملن جو احاطو ڪيو آهي، اسان بين الحڪومتي ڪميشن کي اعليٰ سطح جي اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ تبديل ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ چٽاڀيٽي نه آهي، ٻئي ملڪ تعاون جي ذريعي گڏيل فائدن مان لاڀ پرائيندا، اسان جي وچ ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن، بيوروڪريسي جي رڪاوٽن ۽ بدعنواني کي ختم ڪري ۽ شفاف ۽ آزاداڻي ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون جي ذريعي اسان مستقبل ۾ بهترين نتيجا حاصل ڪري سگهون ٿا. پاڪستاني واپارين ۽ سيڙپڪارن کي ڀليڪار چوندي ازبڪستان جي صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هن وقت 400 ملين ڊالر جو واپار ٿي رهيو آهي جنهن ۾ اضافي جا وسيع موقعا موجود آهن، مون ازبڪستان جي واپارين ۽ ڪاروباري شخصيتن کي چيو آهي ته ازبڪستان جي دوري تي آيل پاڪستاني واپاري ۽ بزنس ڪميونٽي جا ميمبر منهنجي خاندان ۽ ٻارن وانگر آهن، اهي ازبڪستان جي لاءِ هڪ مضبوط ڀت وانگر آهن ۽ اهي اسان جي معيشت جي لاءِ هڪ عظيم پليٽ فارم آهي، ٻطرفي واپار جي حوالي سان 7 سال اڳ جي مقابلي ۾ هن وقت صورتحال ڪافي تبديل ٿي آهي، ان حوالي سان ڪيترين ئي رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح جي فورمز جي انعقاد سان ٻطرفي واپار ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، اسان کي ٻطرفي واپار کي 400 ملين ڊالر سالياني کان وڌائي 3 ارب ڊالر کان وڌيڪ ڪرڻو پوندو، هن پاڪستاني واپارين ۽ ڪاروباري شخصيتن کي مخاطب ڪندي چيو ته فورم دوران اهي پنهنجي مشڪلاتن ۽ خدشن کان اسان کي آگاهه ڪن، اسان جا وزير، بيوروڪريسي ۽ لاڳاپيل عملدار توهان جي مدد ڪندا ۽ توهان سان ڀرپور تعاون ڪندا. هن چيو ته هو سدائين کان چوندو آهي ته حصيداري گڏيل فائدي تي ٻڌل هجڻ گهرجي، هڪطرفي فائدي سان اسان گڏيل تعاون جي هدفن کي حاصل نه ٿا ڪري سگهون، اسان پاڪستاني واپارين ۽ سيڙپڪارن جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ ۾ پرعزم آهيون، اعليٰ سطح جي اسٽريٽجڪ حصيداري جي تجويز ان ڏس ۾ هڪ قدم آهي. هن چيو ته پاڪستان سان توانائي خاص طور تي هوا، پاڻي ۽ شمسي ذريعن سان بجلي جي پيداوار ۾ اضافي جي منصوبن تي ڪم ٿيندو، اسان گڏيل توانائي اسٽيشنز قائم ڪرڻ ۽ کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي شعبن ۾ پاڪستان سان پنهنجا تجربا ۽ مهارت کي شامل ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، اهڙي طرح ٽيڪسٽائيل جو شعبو به گڏيل تعاون جي حوالي سان اهميت رکندڙ آهي، ازبڪستان ساليانو 4.5 ارب ڊالر ماليات جي ويليو ايڊيڊ ٽيڪسٽائيل مصنوعات برآمد ڪري رهيو آهي، اسان چمڙي جي صنعت کي بهتر بڻائي رهيا آهيون، هن وقت ڪيتريون ئي پاڪستاني فارما ڪمپنيون ازبڪستان اچي رهيون آهن، ازبڪستان ساليانو 3 ارب ڊالر جي فارما مصنوعات درآمد ڪري رهيو آهي، پاڪستاني ڪمپنين جي لاءِ هڪ وڏي مارڪيٽ ٿي سگهي ٿي، ان حوالي سان اسان پاڪستاني بزنس ڪميونٽي جي تجويزن جي آجيان ڪنداسين. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف سان هن ٽرانس افغان ريلوي منصوبي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، ان ڏس ۾ پاڪستان، افغانستان ۽ ازبڪستان تي ٻڌل ته ڌريي ڪميٽي قائم ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي، ان منصوبي کي عملي جامعو پارائڻ سان نه رڳو اوڀر ايشيا، ڏکڻ ايشيا ۽ وچ ايشيا جي وچ ۾ رابطا وڌندا پر محفوظ ۽ سستي ٽرانسپورٽ تي ٻڌل واپار ۾ پڻ نمايان اضافو ٿيندو. هن چيو ته ازبڪستان مختلف شعبن ۾ پاڪستان کان سکڻ چاهي ٿو، اهڙي طرح جا فورمز منعقد ڪرڻ سان اسان کي هڪ ٻئي جي تجربن مان سکڻ جا موقعا ملندا. هن پاڪستاني واپاري کي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائيندي چيو ته اسان پاڪستان سان ٻطرفي واپار کي 2 ارب ڊالر تائين وڌائڻ چاهيون ٿا.