باڪو – 24 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سومر ڏينهن آذربائيجان جي گادي واري شهر باڪو ۾ مصروف ڏينهن گذاريو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات جي لاءِ زوولبا محل ويو جتي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. بعد ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آذربائيجان جي صدر جي وچ ۾ ٻطرفي ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آذربائيجان جو صدر الهام عليوف پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ۽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. وزيراعظم 44 روزه نگورنو ڪاراباخ جنگ جي هيروز ۽ شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري. وزيراعظم پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ عالمي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ منعقد پاڪستان – آذربائيجان بزنس فورم کي خطاب پڻ ڪيو. آذربائيجان جو صدر الهام عليوف وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستاني وفد جي اعزاز ۾ آجياڻو ڏنو.