اسلام آباد – 24 – فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري باغ، ضلعي خيبر ۾ خوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڪارروائي دوران 10 خوارج کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان جي بهادر فوج فتنه الخوارج جي خاتمي لاءِ ڪامياب ڪارروايون ڪري رهي آهي. صدر دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي.