اسلام آباد – 24 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبر ضلعي جي علائقي باغ ۾ 10 خارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته انسانيت جي دشمنن جي ڪڌي ارادن کي اهڙي طرح خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ متحد آهن، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن جي خلاف جنگ جاري رهندي.