باڪو – 24 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر الهام عليوف جي دعوت تي 24 کان 25 فيبروري تائين آذربائيجان جو سرڪاري دورو ڪيو. دوري دوران پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ گهري، تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن تي زور ڏنو ويو ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي قيادت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري پڌرائي موجب 24 فيبروري تي صدر الهام عليوف زگبا پيلس ۾ وزيراعظم جو استقبال ڪيو. پنهنجي تفصيلي ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي شعبن ۽ ٻطرفي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. آذربائيجان جي صدر مختلف اهم معاهدن تي صحيحن جي لاءِ وزيراعظم جي اپريل 2025ع ۾ پاڪستان جي دوري جي دعوت قبول ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ مضبوط دوستي جي مستحڪم ترقي ۽ استحڪام تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ توانائي، انفراسٽرڪچر، سيڙپڪاري ۽ رابطي جي شعبن ۾ گڏيل سيڙپڪاري جي منصوبن جي ڳولا جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم جمهوريه آذربائيجان جي ايڪسپورٽ اينڊ انويسٽمينٽ پروموشن ايجنسي جي تعاون سان منعقد بزنس فورم ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم ترجيحي واپاري معاهدي (پي ٽي اي) ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ (ٽي ٽي اي) جي لاڳو تي روشني وڌي ۽ اهو به ٻڌايو ته پاڪستان ۾ آذربائيجان – پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جو افتتاح 12 فيبروري 2025ع تي ڪيو ويو آهي. ٻنهي اڳواڻن گهڻ رخي فورمز خاص طور تي گڏيل قومن ۽ او آءِ سي تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فعال تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي تي آذربائيجان جي مسلسل اصولي موقف ۽ ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي حمايت کي ساراهيو، جيئن ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۾ لکيل آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر الهام عليوف ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ مختلف معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف باڪو ۾ نگورنو ڪاراباخ جي آزادي جي لاءِ جنگ جي هيروز ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ ”يادگار فتح“ جو دورو ڪيو. هن ڏکڻ قفقاز ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ آذربائيجان جي ڪوششن جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. دوري دوران پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ گهري، تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن تي زور ڏنو ويو ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي قيادت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.