اسلام آباد- 24 فيبروري (اي پي پي) واپڊا ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو آمد 13 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 45 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 8 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 8 هزار 900 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 8 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 29 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جي آمد 5 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 1 هزار 700 ڪيوسڪ آهي. چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 3 لک 39 هزار ايڪڙ فوٽ، پاڻي جي آمد 47 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 38 هزار ڪيوسڪ، جڏهن ته تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جو ذخيرو 3 لک 52 هزار ايڪڙ فوٽ آهي، تربيلا، منگلا ۽ چشمه ڊيمن ۾ پاڻي جو مجموعي ذخيرو 7 لک 40 هزار ايڪڙ فوٽ آهي.