جنيوا – 24 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي آبادڪارن جي وڌندڙ تشدد تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن ڪالهه جنيوا ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪائونسل کي آگاهه ڪيو آهي، ته مان اسرائيلي آبادڪارن طرفان والاريل اولهندي ڪناري ۾ وڌندڙ تشدد ۽ ٻين خلاف ورزين سان گڏوگڏ سخت ڳڻتي ۾ مبتلا آهيان. هن غزه ۾ 19 جنوري کان جاري جنگبندي جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته اسان هڪ غير يقيني جنگ بندي جو مشاهدو ڪري رهيا آهيون. اسان کي هر قيمت تي دشمني جي بحالي کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته غزه جا ماڻهو اڳ ئي تمام گهڻو نقصان کڻي چڪا آهن. هن چيو ته هي هڪ مستقل جنگبندي باقي سمورن يرغمالين جي باوقار آزادي ٻه رياستي حل طرف ناقابل واپسي اڳڀرائي، قبضي جي خاتمي ۽غزه جي اڻٽٽ انگ سان هڪ آزاد فلسطيني رياست جي قيام جو وقت آهي. ياد رهي ته غزه جنگ جي شروعات کان پوءِ کان ئي اولهندي ڪناري ۾ به اسرائيلي آبادڪارن ۽ فوج طرفان تشدد م واڌ ٿي اهي. اولهندي ڪناري جي جنين، طولڪرم ۽ توباس شهرن ويجهو پناهگيرن جي ڪيمپن تي اسرائيلي اڳرائي پکڙيل آهي. ڪالهه به اسرائيلي فوج جنين ۾ ٽينڪن جي مقرري جو اعلان ڪيو. 2005ع ۾ ٻي فلسطيني بغاوت جي خاتمي کان پوءِ هي پهريون موقعو آهي جو اولهندي ڪناري ۾ ٽينڪ مقرر ڪيا ويا آهن.