اسلام آباد- 24 فيبروري (اي پي پي) موسمياتي تبديليءَ بابت وزيراعظم جي صلاحڪار رومينه خورشيد عالم چيو آهي ته موسمياتي تبديليءَ سبب سجي دنيا ۾ پاڻي وسيلن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، اسلامي ملڪن ۾ پاڻي جي وسيلن جي حفاظت ۽ گڏيل ترقي لاءِ سهڪار کي مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن ڪامسٽيڪ سيڪريٽريٽ ۾ اسلامي ملڪن جي پاڻي مرڪزن جي حوالي سان 2 ڏينهن واري نيٽ ورڪنگ اجلاس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ان موقعي تي عالمي سطح تي پاڻيءَ جي تحفظ ۽ پاڻي وسيلن جي انتظام جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته ان اجلاس جو مقصد اسلامي ملڪن وچ ۾ پاڻيءَ جي وسيلن جي حفاظت ۽ گڏيل ترقيءَ لاءِ سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ آهي. اجلاس ۾ سعودي عرب، ترڪيه، مراڪش، اردن، ازبڪستان، قازقستان، مصر، بنگلاديش، عمان، پاڪستان، قطر ۽ روس سميت مختلف اسلامي ملڪن جي پاڻي مرڪزن جي سربراهن شرڪت ڪئي. ان کان علاوه او آءِ سي جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل، ايمبيسڊر آفتاب احمد کوکر ۽ـ پاڻيءَ جي تحفظ ۽ پاڻي وسيلن جي ماهرن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. رومينه خورشيد عالم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته موسمياتي تبديليءَ جي اثرن سبب سڄي دنيا ۾ پاڻي وسيلن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي ۽ پاڪستان جهڙن اُسرندڙ ملڪن لاءِ اهو هڪ چئلينج آهي. هن چيو ته اسلامي ملڪن جي پاڻي مرڪزن وچ ۾ تعاون ۽ معلومات جي مٽاسٽا ان ڳالهه جي ضمانت فراهم ڪري ٿو ته اسان پاڻيءَ جي وسيلن کي بهتر طريقي سان منظم ڪري سگهون ۽ گڏيل وسيلن جا حل ڳولي سگهون. هن چيو ته پاڪستان ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جو مسئلو وڌندو پيو وڃي ۽ ان جو حل صرف مقامي سطح تي ناهي پر عالمي سطح تي تعاون سان ممڪن آهي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي مخاطب ٿيندي هن چيو ته اسان کي پاڻيءَ جي حفاظت لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪا نه صرف قومي پر عالمي سطح تي ان بحران کي مُنهن ڏيڻ م مددگار ثابت ٿئي. رومينه خورشيد عالم او آءِ سي جي ميمبر ملڪن کان مطالبو ڪيو ته هو موسمياتي ڪارروائي جي حڪمت عمليءَ ۾ پاڻيءَ جي حفاظت کي پهرين ترجيح ڏين، پاڻيءَ جي انتظام ۾ بين الحڪومتي تعاون کي مستحڪم ڪن، پاڻيءَ جي بچت واري ٽيڪنالاجيز ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ عوامي ۽ نجي حصيداريءَ کي هٿي ڏين ۽ وڏي پيماني پاڻي جي رٿائن لاءِ عالمي موسمياتي ماليات کي متحرڪ ڪن. هن ان ڳالهه طرف ڌيان ڇِڪرايو ته ٻوڏ، ڏڪار ۽ گليشيئر پگهرجڻ جا اثر، پاڻيءَ جي حفاظت ۽ اقتصادي استحڪام تي تباهه ڪن اثر وجهي رهيا آهن، 22ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ لکين ماڻهن کي بي گهر ڪري ڇڏيو جڏهن ته ڊگهي ڏڪار اسان جي زرعي پيداوار کي متاثر ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي او آءِ سي جي ساٿين سان گڏجي گڏيل حل تيار ڪرڻ، تحقيق جي مٽاسٽا ڪرڻ ۽ سڀني لاءِ پاڻي کان مضبوط مستقبل جوڙڻ لاءِ تيار آهي. اجلاس ۾ مختلف ملڪن جي پاڻي مرڪزن جي سربراهن پنهنجا تجربا ۽ خيال شيئر ڪيا ۽ گڏيل منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن ٻن ڏينهن واري اجلاس جو مقصد اسلامي ملڪن جي پاڻي وسيلن جي بهتر انتظام ۽ پاڻيءَ جي تحفظ لاءِ گڏيل حڪمت عملين کي هٿي ڏيڻ هو، هي اجلاس پاڪستان لاءِ هڪ اهم موقعو آهي جيڪو نه صرف اسلامي ملڪن سان تعاون کي هٿي ڏيندو پر پاڻيءَ جي تحفظ ۽ پاڻي وسيلن جي انتظام لاءِ عالمي سطح تي پاڪستان جي ڪردار کي به مستحڪم ڪندو.