اسلام آباد – 24 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمهوريه ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف جي دعوت تي (سڀاڻي) اڱاري کان ازبڪستان جو 2 ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جمهوريه ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف جي دعوت تي 25 ۽ 26 فيبروري تي ازبڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. وزيراعظم سان گڏ هڪ اعليٰ سطحي وفد پڻ هوندو جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ۽ سندس ڪابينا جا ٻيا ميمبر پڻ شامل هوندا. وزيراعظم ۽ ازبڪستان جو صدر ٻطرفي ملاقات دوران ٻطرفي تعاون جي سمورن شعبن بشمول رابطن، اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع ۽ سلامتي، علائقائي استحڪام ۽ تعليم تي ڳالهه ٻولهه ڪندا. ٻئي اڳواڻ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. دوري دوران ڪيترن ئي ٻطرفي معاهدن/ ايم او يوز تي پڻ صحيحون ڪيون وينديون. وزيراعظم ازبڪستان بزنس فورم کي خطاب پڻ ڪندو. ٻنهي ملڪن جا اهم واپاري بزنس فورم ۾ شرڪت ڪندا ۽ ٻطرفي واپار کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ بي 2 بي ملاقاتون ڪندا. پاڪستان ۽ ازبڪستان تاريخ، ثقافت، مذهب ۽ امن ۽ ترقي جي لاءِ پنهنجي خواهشن جي گڏيل ٻنڌڻن ۾ ٻڌل آهن. وزيراعظم جو دورو علائقائي انضمام ۽ اقتصادي خوشحالي جي تزويراتي ويزن جي حصي جي طور تي وڌيڪ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ حصيداري جون نيون راهون ڳولڻ جي ذريعي ازبڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جي نشاندهي ڪري ٿو.