باڪو – 24 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري تي اطمينان جو اظهار ڪندي انهن جي وچ ۾ ويجهي، تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو وچن ڪيو آهي. هنن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ مواصلات ۽ علائقائي رابطن جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل واپار کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي وچ ۾ ٻطرفي ملاقات ٿي. وزيراعظم صدر الهام عليوف جي دعوت تي آذربائيجان جي سرڪاري دوري تي آهي. زوولبا صدارتي مهل پهچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جو صدر الهام عليوف شاندار استقبال ڪيو. آذربائيجان جي هٿياربند فوج جي دستي وزيراعظم کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاران پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ڪيترن ئي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آذربائيجان جي صدر پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو وچن ڪيو. ٻطرفي ملاقات کانپوءِ پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وفدن جي ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ ٻنهي طرفن جي اهم وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ڳالهه ٻولهه ۾ ٻنهي طرفن اقتصادي تعاون، واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ملڪن توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ مواصلات ۽ علائقائي رابطن جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي اتفاق ڪيو. ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته موجوده واپار جو ڪاٿو ڀائراڻي سياسي لاڳاپن جي حقيقي صلاحيت موجب نه آهي. ڌرين مختلف شعبن ۾ گڏيل واپار کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل قومن (يو اين)، اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ۽ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) سميت گهڻ رخي فورمز تي پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ فعال تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر الهام عليوف پاران سندس پاڪستان جي گذريل دوري ۾ آذربائيجان جي 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي اعلان کي ساراهيو ۽ انهن منصوبن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪي سيڙپڪاري جي لاءِ تيار آهن. صدر الهام عليوف اپريل ۾ پاڪستان اچڻ ۽ انهن معاهدن کي باضابطا شڪل ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڪشميري عوام جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي تي آذربائيجان جي مسلسل حمايت تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم نگورنو ڪاراباخ جي مسئلي تي آذربائيجان کي پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته صدر الهام عليوف جي جرئتمنداڻي قيادت ۾ آذربائيجان ڪاميابي سان ڪاراباخ کي آزاد ڪرائي ورتو آهي، اهو آذربائيجان جو ئي علائقو آهي جنهن جي گڏيل قومن جي ڪيترين ئي قراردادن ۽ عالمي قانون جي ذريعي توثيق ڪئي وئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر الهام عليوف مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن جي مٽاسٽا جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پاڪستاني وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، واپار وارو وارو فاقي وزير ڄام ڪمال خان، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري وارو عبدالعليم خان، سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون سيد طارق فاطمي پڻ شامل هئا.