باڪو – 24 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان واپار، معيشت، سيڙپڪاري، دفاع، توانائي سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ اقتصادي ۽ واپاري رابطن سان نه رڳو خطي پر دنيا ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي ايندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ معاهدن کي هڪ مهيني ۾ حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ٿيو آهي، 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري معاهدن تي اپريل ۾ صحيحون ٿينديون، ڪاراباخ جي مسئلي تي آذربائيجان جي حمايت جاري رکنداسين، ڪشمير مسئلي تي آذربائيجان جي اصولي موقف کي ساراهيون ٿا، وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي لاءِ ٻه رياستي هل لازمي آهي، چاهيون ٿا ته غزه ۾ جنگبندي پائيدار هجي، آذربائيجان جي صدر الهام عليوف چيو آهي ته پاڪستان سان انتهائي ويجهي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي عزم جي تجديد ڪريون ٿا، ٻطرفي واپار کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. باڪو ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته آذربائيجان جي دوري جي دعوت ۽ ڀرپور ميزباني تي صدر الهام عليوف جو ٿورائتو آهيان، باڪو پنهنجي فطري حسن ۽ قدرتي منظرن جي ڪري انتهائي خوبصورت شهر آهي، اسان به اسلام آباد کي باڪو وانگر خوبصورت شهر بڻائڻ ۾ مصروف آهيون. وزيراعظم چيو ته آذربائيجان جي صدر سان ملاقات انتهائي تعميري ۽ ڪارائتي رهي جنهن سان اسان جي گهري ڀائيچاري ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي عڪاسي ٿئي ٿي، آذربائيجان جو صدر پاڪستان جي عوام سان دلي محبت ڪري ٿو، آذربائيجان سان دوستي جي معاملي تي پاڪستان جي سمورين سياسي پارٽين ۾ اتفاق آهي. هن چيو ته آذربائيجان جي صدر جي پاڪستان جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نئين سگهه ملي آهي ۽ اسان جا ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن. هن پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو هو جيڪو ٻنهي ملڪن جي لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو، ٻنهي ملڪن جي ٽيمن ان حوالي سان گهڻو ڪم ڪري ورتو آهي ۽ توهان پاران اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته ڌرين کي معاملن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ هڪ مهيني جو وقت ڏنو ويو آهي، اپريل ۾ اسلام آباد ۾ آذربئايجان جي صدر جي دوري دوران معاهدن تي صحيحون ٿينديون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف سطح تي لاڳاپا نئين بلندين کي ڇُهي رهيا آهن. گڏيل مفاد جي گڏيل منصوبن سان ٻنهي ملڪن جي عوام فائدو کڻندي. وزيراعظم چيو ته اسان جي دوستي، سياسي هم آهنگي ۽ عالمي فورمز تي هڪ جهڙو موقف مثالي آهي پر هن وقت اسان جي لاڳاپن جي جيڪا سطح آهي، اسان جو واپار ۽ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار ان موجب نه آهن، ان کي وڌائڻ جي ضرورت آهي، آذربائيجان جي صدر جي خلوص، قيادت، بصيرت ۽ ويزن کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهيان ۽ يقين ڏياريان ٿو ته طئي ٿيندڙ معاهدن جي تڪميل جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين. وزيراعظم چيو ته ڪاراباخ جي مسئلي تي آذربائيجان جي موقف جي سدائين حمايت ڪئي آهي، آذربئايجان جي صدر جي ويزن، جرئت ۽ فيصلاسازي جي صلاحيت سان هن خطي ۾ امن کي هٿي ملي آهي. وزيراعظم چيو ته ڪشميري عوام جي غيرمشروط حمايت تي آذربائيجان جا ٿورا ادا ڪريون ٿا، اسان اميد ڪريون ٿا ته جنرل اسيمبلي ۽ سلامتي ڪائونسل پاران منظور ڪئي ويندڙ قراردادن تي عملدرآمد ٿيندو ۽ 7 ڏهاڪن کان خودمختياري جي حق جي لاءِ انهن جي جدوجهد ڪامياب ٿيندي. وزيراعظم چيو ته غزه جي عوام کي به مستقل جنگبندي جي ضرورت آهي، وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي لاءِ ٻه رياستي حل لازمي آهي، چاهيون ٿا ته غزه ۾ جنگبندي پائيدار هجي. وزيراعطم چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جا شاندار اسٽريٽجڪ دفاعي رابطا آهن انهن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي ۽ان جي لاءِ گڏيل دفاعي پيداوار جي صلاحيت کي فروغ ڏيڻو پوندو، اپريل ۾ آذربائيجان جو وفد جڏهن پاڪستان جو دورو ڪندو ته اها ٻنهي ملڪن جي ترجيحي ايجنڊا هوندي. وزيراعظم چيو ته عالمي انفراسٽرڪچر ڪوريڊور وقت جي ضرورت آهي، گوادر بندرگاهه علائقائي واپار جي لاءِ انتهائي اهم آهي. وزيراعظم چيو ته اسان هڪ خاندان وانگر آهيون، اپريل ۾ آذربائيجان جي صدر جي دوري جا منتظر رهنداسين، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ اقتصادي ۽ واپاري رابطن سان نه رڳو خطي پر دنيا ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي ايندي ۽ اسان گڏيل ڪوششن سان دوستي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط بڻائينداسين. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آذربائيجان جي صدر الهام عليوف چيو ته پنهنجي ڀاءُ محمد شهباز شريف کي آذربائيجان جي سرزمين تي ڀليڪار چئون ٿا ۽ پاڪستان سان انتهائي ويجهي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي عزم جي تجديد ڪريون ٿا. هن چيو ته خطي جي صورتحال ۽ سلامتي جي معاملن تي ٻنهي ملڪن جو هڪ جهڙو موقف آهي، گذريل سال پاڪستان جي دوري ۾ ٻطرفي تعاون سان لاڳاپيل اهم معاملن تي اهم اڳڀرائي ٿي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا تمام گهڻا موقعا آهن. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حصيداري کي فروغ ڏئي رهيا آهيون، اسان کي گڏيل واپار وڌائڻ جي ضرورت آهي جنهن جو ڪاٿو هن وقت گهٽ آهي، جن منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ٿي انهن کي هڪ مهيني ۾ حتمي شڪل ڏينداسين. هن چيو ته مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي، مختلف شعبن ۾ معاهدا ٻطرفي لاڳاپن ۾ اهم اڳڀرائي آهي، رابطن جي فروغ، ٽرانسپورٽ، توانائي، دفاعي پيداوار ۽ صنعتي شعبي ۾ پڻ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي، دفاعي سازوسامان جي گڏيل تياري جي لاءِ هڪ ٻئي سان تعاون ڪنداسين. پاڪستان جي دفاعي صنعت تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي. آذربائيجان جي دفاعي صنعت پڻ ترقي ڪري رهي آهي، دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ پاڪستان جو اهم مقام آهي. هن چيو ته پاڪستان اسان جو ويجهو دوست آهي. ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطن کي پڻ هٿي ملي رهي آهي. فضائي اڏامن جو سلسلو پڻ باقاعدگي سان جاري آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. هن چيو ته علائقائي ترقي جي لاءِ مواصلاتي منصوبن جو فروغ ضروري آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران متعارف ڪرايا ويندڙ سڌارن جا معيشت ۽ سياسي استحڪام جي شعبن ۾ مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. عالمي منظرنامي ۾ پاڪستان کي اهم مقام حاصل آهي ۽ توهان جي محنت ۽ دانشمنداڻي قيادت ۾ پاڪستان جي ڪاميابين تي بطور ڀاءُ ۽ دوست اسان کي فخر آهي. مستقبل جي منصوبن ۽ ڪوششن ۾ پڻ بحيثيت ڀاءُ اسان توهان سان گڏ هونداسين.