باڪو – 24 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ جمهوريه آذربائيجان جي وچ ۾ تيل ۽ گئس، زراعت، ماحول جي تحفظ، سياحت، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آذربائيجان جو صدر الهام عليوف پڻ معاهدن ۽ ايم او يوز تي صحيحن ۽ انهن جي مٽاسٽا واري تقريب ۾ موجود هئا. تفصيل موجب ماڇيڪي – ٺيليان – تاروجبه وائيٽ آئل پائپ لائين منصوبي ۾ تعاون جي لاءِ جمهوريه آذربائيجان جي اسٽيٽ آئل ڪمپني (سوڪر) ۽ فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (ايف ڊبليو او) ۽ پاڪستان اسٽيٽ آئل ڪمپني لميٽيڊ (پي ايس او) جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي ”سوڪر“ جي صدر روشن نجف ۽ ڊائريڪٽر جنرل ايف ڊبليو او عبدالسميع صحيحون ڪيون ۽ دستاويزن جي مٽاسٽا ڪئي. جمهوريه آذربائيجان جي اسٽيٽ آئل ڪمپني (سوڪر) ۽ پاڪستان ريفائنري لميٽيڊ (پي آر ايل) ۽ پاڪستان اسٽيٽ آئل ڪمپني لميٽيڊ جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي (سوڪر)“ جي صدر روشن نجف ۽ پاڪستان ريفائنري لميٽيڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ سي اي او زاهد مير صحيحون ڪيون. ترميمي معاهدو نمبر 1، ايل اين جي ڪارگوز جي وڪري ۽ خريداري جي لاءِ ماسٽر (ڊيليور ٿيل اڳوڻو جهاز) ايل اين جي جي وڪري ۽ خريداري جي معاهدي بابت فريم ورڪ معاهدي تي سوڪر جي صدر روشن نجف ۽ پاڪستان ايل اين جي ليمٽيڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ سي اي او مسعود نبي صحيحون ڪيون. پاڪستان اسٽيٽ آئل ڪمپني لميٽيڊ (پي ايس او) ۽ سوڪر ٽريڊنگ جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشتن ۽ پاڪستان اسٽيٽ آئل ڪمپني لميٽيڊ ۽ سوڪر ٽريڊنگ جي وچ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي لاءِ مدتي وڪري ۽ خريداري جي معاهدي جي اڪنالج منٽ تي سوڪر ٽريڊنگ جي صدر روشن نجف ۽ پاڪستان اسٽيٽ آئل ڪمپني لميٽيڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ سي اي او سيد محمد طحييٰ صحيحون ڪيون. جمهوريه آذربائيجان جي شهر ننچيوان ۽ لاهور شهر جي وچ ۾ ثقافت، سياحت، شهري ترقي، تعليم، سائنس، معيشت سميت عوامي اهميت وارن مختلف شعبن ۾ تعاون بابت مفاهمت جي يادداشت تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيحون بائراموف صحيحون ڪيون. دوري دوران پاڪستان ۽ آذربائيجان ڪسٽمز جي وچ ۾ شروعاتي برقياتي معلومات جي مٽاسٽا، زراعت جي شعبي ۾ تعاون ۽ پلانٽ ڪوارنٽائن اينڊ پروٽيڪشن جي معاهدن، سائنسي تحقيق ۽ تعاون ۽ ٽيڪنيڪل ووڪيشنل ايجوڪيشن اينڊ ٽريننگ بابت مفاهمت جي يادداشتن جڏهن ته ماحول جي تحفظ ۾ تعاون جي پروٽوڪول آف انٽينٽ تي صحيحون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل ادارن جي عملدارن معاهدن ۽ ايم او يوز تي صحيحون ۽ انهن جي مٽاسٽا ڪئي.