باڪو – 24 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آذربائيجان جي صدر سان پاڪستان ۾ گڏيل لاڀائتن منصوبن ۾ آذربائيجان جي 2 ارب ڊالر سيڙپڪاري جي پورٽ فوليو کي حتمي شڪل ڏيڻ جي حوالي سان پڻ وسيع ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، اسان پاڪستان – آذربائيجان اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو اظهار ڪيو جنهن سان نه رڳو ٻنهي ملڪن کي فائدو ٿيندو پر علائقائي امن ۽ خوشحالي ۾ پڻ مدد ملندي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ باڪو ۾ پنهنجي پياري ڀاءُ صدر الهام عليوف سان هڪ شاندار ملاقات ڪئي، مون پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي لاءِ انهن جي گرمجوش مهمان نوازي جي لاءِ انهن جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته اسان جي ڳالهه ٻولهه انتهائي ڀائراڻي ماحول ۾ ٿي، اسان جو ڌيان خاص طور تي واپار، توانائي، دفاع ۽ علائقائي رابطن سميت ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ تي رهيو. هن چيو ته مون کي خوشي آهي ته اسان پاڪستان ۾ گڏيل فائديمند منصوبن ۾ آذربائيجان جي 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي پورٽ فوليو کي حتمي شڪل ڏيڻ جي حوالي سان پڻ وسيع ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ۽ آئون ان سيڙپڪاري بابت تاريخي معاهدن تي صحيحون ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي پياري ڀاءُ صدر عليوف جي هلندڙ سال اپريل ۾ سندس پاڪستان جي دوري جو منتظر آهيان. وزيراعظم چيو ته اسان پاڪستان – آذربائيجان اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو اظهار ڪيو جنهن سان نه رڳو ٻنهي ملڪن کي فائدو ٿيندو پر علائقائي امن ۽ خوشحالي ۾ پڻ مدد ملندي.