اسلام آباد- 23 فيبروري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ، جڏهن جابلو علائقن ۾ ٿڌي ۽ جزوي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته شام/رات ۾ اتر اولهه بلوچستان، ڏکڻ خيبر پختونخوا ۽ ڏکڻ وچولي پنجاب ۾ موسم جهڙلي رهڻ کانسواءِ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان ڪجهه هنڌن تي برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ جڏهن ته اترئين علائقن ۾ شديد ٿڌ ۽ جزوي جهڙالي رهي. آچر ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه ۾ ڪاٽو 08، استور ۾ ڪاٽو 04، گوپس ۾ ڪاٽو 03، بگروٽ، ڪالام، پاراچنار ۽ راولاڪوٽ ۾ ڪاٽو 02 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.