لاهور – 23 فيبروري (اي پي پي) سنڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ چيو آهي، ته نوجوان قيمتي اثاثو آهن، ملڪي ترقي ۾ انهن جي ڪردار کي وساري نه ٿو سگهجي، دهشتگردن جو ڪو به مذهب ناهي هوندو، اي پي ايس پشاور سانحي ۾ معصوم ۽ بي گناهه شاگردن کي شهيد ڪيو ويو، ان واقعي کان پوءِ آپريشن ضرب عضب ۽ آپريشن رد الفساد شروع ڪيا ويا پر بعد ۾ هڪ اهڙي حڪومت آئي جنهن طالبان کي سپورٽ ڪيو ۽ واپس آڻي رهايو، هٿين خالي ماڻهن کي ماريندڙ دهشتگرد هوندا آهن، انهن ۾ ڪو به فرق ناهي هوندو، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهيون، تنقيد براءِ تنقيد جي پاليسي تحت منصوبن تي نقطئه چيني نه هئڻ گهرجي، فيڪ نيوز جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ اجتماعي قدمن جي ضرورت آهي، بلدياتي نظام کانسواءِ ملڪي ترقي ممڪن ناهي. اهڙو اظهار هن ايوان اقبال ۾ يوٿ ڪانفرنس ۾ سوالن جوابن جي ويهڪ کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته ٻه قومي نظريو هڪ حقيقت آهي، نوجوانن کي اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته پاڪستان جو قيام ڇو ضروري هو؟ جيڪا قوم ماضي مان نه ٿي سکي، اها قوم پنهنجو مستقبل نٿي بڻائي سگهي. ماضي ۾ غلطيون به ٿينديون آهن ۽ قومون ان مان سبق حاصل ڪنديون آهن. هن چيو ته آزاد ملڪ لاءِ مسلمانن تمام گهڻيون تڪليفون سٺيون، تحريڪ پاڪستان ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پوسٽ مينجمينٽ ۾ نوجوانن جو ڪردار رهيو آهي، نوجوانن جي ملڪ ۾ هڪ تاريخ آهي، ان کي وسارڻ نه گهرجي، اسان جي 60سيڪڙو آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر جي نوجوانن تي ٻڌل آهي، هي پاڪستان جو مستقبل آهن، هن ملڪ جي بنيادن ۾ لکين ماڻهن جو رت شامل آهي. وفاقي وزير چيو ته موجوده مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ پاڪستان ۾ 7 ارب ڊالرز سمنڊ پار پاڪستانين موڪليا. عطاالله تارڙ چيو ته غزه، فلسطين ۽ ڪشمير ۾ ظلمن جو نالو وٺو ته سوشل ميڊيا تي ماٺار ڇانئجي وڃي ٿي، اي آءِ ۽ نئين ٽيڪنالاجي تحت انهن ظلمن تي ڪيل پوسٽن تي لائيڪس گهٽ ٿي وڃن ٿا، هن چيو ته ٻه قومي نظرئي جي جيتري ضرورت اڄ آهي اوتري اڳ ۾ ڪڏهن به نه هئي. وفاقي وزير چيو ته اسان هن وقت جيڪو ڪجهه آهيون، اهو پاڪستان جي ڪري آهيون. پاڪستان آهي ته اسان جي سياست آهي نه ته اسان ان کان سواءِ ڪجهه به ناهيون. پاڪستان ۾ سمورين اقليتن کي برابري جي حق حاصل آهن، جڏهن ته سرحد پار اقليتن سان اڻ برابري جي سڀني کي خبر آهي، اتي اقليتن سان جيڪو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، انهن جي حقن کي جيئن پائمال ڪيو پيو وڃي، اهو انتهائي افسوس ۽ شرمناڪ آهي. هن چيو ته دنيا ۾ ڪنهن به جاءِ تي مفت ليپ ٽاپ ناهن ڏنا ويندا، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو نوجوانن کي 100 سيڪڙو ميرٽ تي مفت ليپ ٽاپ ڏنا ويا، انهن ۾ ڪنهن جي به سفارش شامل نه هئي، ڪووڊ دوران ورڪ فرام هوم يا آن لائين ڪلاسز سبب اسان جي معيشت نه ويٺي، ڇاڪاڻ ته اسان جي ٻارن وٽ ليپ ٽاپ موجود هئا، جيڪڏهن انهن وٽ اهي ليپ ٽاپ نه هجن ها ته دنيا جي ٻين ملڪن وانگر پاڪستان جي معيشت کي به نقصان پهچڻ جو خدشو هو. عطاالله تارڙ چيو ته مستقبل جي چئلينجز کي نظر ۾ رکندي ويزن جوڙڻ قيادت جي ذميواري هوندي آهي. هن چيو ته جڏهن 90 جي ڏهاڪي ۾ لاهور اسلام آباد موٽر وي بڻي ته ان جي شديد مخالفت ڪئي وئي، ان کي غير ضروري چيو ويو. پاڪستان ۾ موٽر ويز جي بنياد، انفراسٽرڪچر جي ترقي طرف اهم اڳڀرائي هئي. اڄ ان موٽر وي ذريعي ماڻهو آساني سان سفري سهولتن مان فائدو کڻي رهيا آهن، هن چيو ته ليپ ٽاپ اسڪيم جي به مخالفت ڪئي وئي. هوشيار شاگردن کي اعليٰ تعليم لاءِ اربين روپين جا وظيفا ڏئي رهياآهيون. دانش اسڪولن وسيلن کان محروم طبقن کي تعليمي ميدان م اڳتي وڌڻ جو موقعو فراهم ڪيو. دانش اسڪولن جي مخالفت ڪئي وئي. هن چيو ته راولپنڊي انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي پاڪستان جي بهترين ادارن مان هڪ اهي، پوري پاڪستان ۽خيبر پختونخوا مان ماڻهو هتي اچن ٿا. ساڍن ٻارنهن سالن ۾ خيبر پختونخوا ۾ هڪ سٺي اسپتال ڇو نه بڻجي سگهي؟ سياسي نعرا لڳائڻ وارا ٻڌائين ته اوهان ڪيترا ڪڊني ٽرانسپلانٽ يونٽ بڻايا، ڪيترن شاگردن کي اسڪالرشپس ۽ ليپ ڏنا. هن چيو ته تنقيد براءِ تنقيد جي پاليسي منصوبن تي نقطئه چيني لاءِ نه هئڻ گهرجي. هن چيو ته زندگيءَ جو تجربو آهي ته مثبت سوچ سان ئي سٺا نتيجا نڪرندا آهن. وفاقي وزير چيو ته منهنجي پارٽي مون کي ايتري آزادي ڏني آهي، ته مان نوجوانن جي باري ۾ کلي ڳالهائي سگهان. هن چيو ته نوجوان قيمتي اثاثو آهن، هن انهن کي ئي ملڪي نظام هلائڻو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ جڏهن پڇيو ويو ته دنيا کي سڀ کان وڏو خطرو ڇاهي، ورلڊ ليڊرز ڪلائيميٽ چينج، نيوڪليئر وار جو ذڪر نه ڪيو پر هنن هن دور جو سڀ کان وڏو چئلينج مس انفارميشن کي قرار ڏنو، ڇاڪاڻ ته اها ذهن سازي ڪري ٿي ۽ ماڻهن کي ڊپريشن جو شڪار ڪري ٿي. هن چيو ته اسان جو اهو مزاج بڻجي ويو آهي، ته اسان هر ڳالهه شڪايت سان شروع ڪندا آهيون. توقع سٺي رکون ته رزلٽ به سٺي نڪرندي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جي سوسائٽي ۾ مين ٽور شپ جو تصور ختم ٿي ويو آهي. شاگردي واري دور ۾ والدين ۽ مائٽن جو دٻاءُ هوندو آهي، جڏهن ته عملي زندگي ۾ ڪمائڻ ۽ ٻين ذميوارين جو بار وڌي وڃي ٿو، جنهن سان نوجوانن کي شديد مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. هن چيو ته گائيڊنس ۽ ڪائونسلنگ لاءِ مين ٽور شپ جو هئڻ تمام ضروري آهي. هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي جو ناسور اڄ به موجود آهي، جنگين ۾ به قانون ٿيندا آهن، پر دهشتگرد ڪنهن رول يا قانون کي فالو نٿو ڪري جڏهن ته ان کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته دشمن کي ڪهڙي طرح نشانو بڻائڻو آهي، ته پوءِ هو ٻارن کي نشانو بڻائي ٿو. دهشتگردن جو ڪو به مذهب ناهي هوندو، ان ۾ ڪو به ابهام ناهي ته اي پي ايس سانحو دهشتگردن جي ڪارروائي هئي. اڄ هي بلوچستان ۾ به دهشتگردي جون ڪارروائيون ڪري رهيا آهن. اي پي ايس سانحو دهشتگردن جي مڪروهه ڪارروائي هئي، ان ۾ جيڪي به ملوث هئا، انهن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويو. اي پي ايس سانحي کان پوءِ آپريشن ضرب عضب ۽ آپريشن رد الفساد شروع ڪيو ويو، سڄي ملڪ ۾ امن قائم ٿيو، پر بعد ۾ هڪ اهڙي حڪومت آئي، جنهن گڊ طالبان ۽ بيڊ طالبان جو بحث شروع ڪيو ۽ چيو ته هي سٺا ماڻهو آهن، هي اوهان جا دوست آهن، انهن جو اوهان جو مذهب هڪ آهي، ان حڪومت طالبان کي سپورٽ ڪيو، کين واپس آڻي هتي رهايو. هن چيو ته اي پي ايس حملي کان پوءِ هڪ ٿيوري بڻائي وئي ته ٽي ٽي پي جا سپورٽر چاهيندا هئا ته هن ملڪ ۾ ابهام پيدا ڪيو وڃي، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ٽي ٽي پي ملڪ ۾ دهشتگردي جون ڪارروائيون ڪيون، هي تنظيم پاڪستان جي آڊيالاجي خلاف ۽ دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ ملوث آهي، هي اهي ماڻهو آهن جن اي پي ايس تي حملو ڪيو. ملڪ ۾ بدامني پکيڙي، ٻارن کي شهيد ڪيو، هي ڪنهن به رعايت جا حقدار ناهن، هي خراب ماڻهو آهن، انهن جو خاتمو ڪري رهنداسين. هن چيو ته پاڪستان کي ترقي تڏهن ڪرڻي آهي، جڏهن دهشتگردي جو خاتمو ٿيندو. يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي شاگردن پنهنجي ٽيم جي ڪاميابي جا تفصيل ٻڌائيندي، هيڪ ٿيل اڪائونٽس جو مسئلو حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جنهن تي وفاقي وزير کين خاطري ڪرائي ته سندن مسئلو 72 ڪلاڪن اندر حل ڪيو ويندو. هن انساني عضون جي خريد ۽ وڪري جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته ماضي ۾ آرگن ٽرانسپلانٽ جي حوالي سان پنجاب ۾ صورتحال خراب هئي، غريبن جا گڙدا ڪڍي وڪرو ڪيا ويندا هئا، ان مڪروهه ڏوهه ۾ مختلف ماڻهو ملوث هئا. حڪومت ان مسئلي جي روڪٿام لاءِ هيومن آرگن ٽرانسپلانٽ اٿارٽي قائم ڪئي، جنهن سان ان مسئلي تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪافي مدد ملي. هن چيو ته باقي صوبن ۾ به اها اٿارٽي قائم ٿيڻ گهرجي. فيڪ نيوز جي روڪٿام جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته فيڪ نيوز جي ازالي لاءِ صحافين جي هڪ باڊي جوڙڻ گهرجي، هن مسئلي تي عالمي ڪانفرنسن ۾ ڳالهايو، صحافين جي هڪ باڊي بڻائي سگهجي ٿي، جيڪا فيڪ نيوز تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪم ڪري سگهي، ان تي ڪم ڪيو پيو وڃي. 26هين آئيني ترميم جي حوالي سان هن چيو ته صرف هڪ پارٽي کان علاوه سمورن سياسي پارٽين جو ان تي اتفاق راءِ هو. پيڪا قانون جي باري ۾ هن چيو ته جيڪڏهن ان تي اعتراض آهن، ته ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. لوڪل گورنمينٽ جي حوالي سان هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته لوڪل گورنمينٽ کان سواءِ هي ملڪ نٿو هلي سگهي، پر گراس روٽ ليول کان سواءِ ڪو به چونڊ نٿو وڙهي سگهي، 2018ع ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت لوڪل گورنمينٽ سسٽم کي ختم ڪري ڇڏيو. هن چيو ته سياسي پارٽين کي اهو طئي ڪرڻو پوندو ته جيڪا به حڪومت اچي اها لوڪل باڊيز کي هٿ نه لائيندي.