باڪو- 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستاني وفد سان گڏ پنهنجي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آذربائيجان جي گادي واري هنڌ باڪو پهچي ويو. حيدر عليوف عالمي هوائي اڏي تي آذربائيجان جي اول نائب وزيراعظم يعقوب عبدالله ۽ اوعلو ايوبوف، نائب پرڏيهي وزير يالچين رفائيف، پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سفير خضر فرخادوف، آذربائيجان ۾ پاڪستان جي سفير قاسم محي الدين ۽ ٻين سينئر اختيارين وزيراعظم جي شاندار آجيان ڪئي. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق دوري دوران وزيراعظم، آذربائيجان جي صدر الهام عليوف ۽ ٻين اعليٰ اختيارين سان اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪندو. ڳالهين ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جي مظبوطي، واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ وسعت، توانائي ۽ دفاعي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ، ماحولياتي تبديلي جي نقصان پهچائيندڙ اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ سهڪار ۽ ثقافتي مٽا سٽا کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ شراڪتداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪيترين ئي مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحي ڪئي ويندي. وزيراعظم ۽ آذربائيجان جي قيادت (اڄ) سومر ڏينهن منعقد ٿيندڙ پاڪستان – آذربائيجان بزنس فورم کي به خطاب ڪندو. فورم ۾ ٻنهي ملڪن جون ڪاروباري شخصيتون پڻ شرڪت ڪنديون ته جيئن گڏيل منصوبن ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولهڻ لاءِ ڪاروبار کان ڪاروبار سهڪار تي زور ڀري سگهجي. پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ پراڻي ڀائيچاري جو رشتو آهي، جنهن جو بنياد گڏيل قدر۽ گڏيل منزلون آهن. وزيراعظم شهباز شريف جو آذربائيجان جو اهو دورو ٻنهي ملڪن جي موجوده لاڳاپن کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ، اقتصادي سهڪار کي وڌائڻ ۽ علائقائي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، انساني وسيلن جي ترقي ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين بابت وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص مددگار سيد طارق فاطمي پڻ ان دوري دوران وزيراعظم سان گڏ آهن.