لاهور – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي لاهور مان روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف 24 کان 25 فيبروري تائين جمهوريه آذربائيجان جو سرڪاري دورو ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف سان جو مارچ 2024ع ۾ وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ آذربائيجان جو هي ٻيو دورو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، عبدالعليم خان، چوڌري سالڪ حسين، عطاالله تارڙ ۽ خاص مددگار طارق فاطمي به دوري دوران وزيراعظم سان گڏ هوندا. دوري دوران وزيراعظم، آذربائيجان جي صدر سان ٻه طرفي ملاقات کان سواءِ بزنس فورم کي به خطاب ڪندو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي شعبن تي ڳالهيون ٿينديون ته جيئن توانائي، واپار، بچاءَ، تعليم ۽ موسمياتي شعبن ۾ ٻه طرفو سهڪار وڌائي سگهجي. اند وري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون جي ڪيترن ئي شعبن ۾ مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحيون ڪيون وينديون. وزيراعظم جو دورو، آذربائيجان سان پاڪستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ، وسيع تر اقتصادي تعاون کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل ترقي لاءِ حصيداري جون نيون راهون تلاش ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جي عڪاسي آهي.