لاهور – 23 فيبروري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي، ته الله جو شڪر آهي معاشي استحڪام اچي چڪو آهي، ملڪي معيشت ترقي جي راهه تي گامزن آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ سٺي هنڌ تي بيٺل آهي، معاشي اهڃاڻ درست آهن، ڪرنسي ۾ استحڪام آهي، روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ۾ لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي. اهڙو اظهار هن فيصل بئنڪ جي پهرين اسپيشل اولمپڪس يونيفائيڊ ميراٿن لاءِ شرڪت جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ملڪي معيشت بهتري طرف گامزن آهي، ايف بي آر جي سڌارن تي پڻ ڪم جاري آهي، ٽيڪس اٿارٽيءَ ۾ سڌارا آڻي رهياآهيون ته جيئن ماڻهن کي ٽيڪس ڏيڻ ۾ آساني ٿئي. مينيوفيڪچرنگ انڊسٽري ۽ پگهاردار طبقي تي ٽيڪسن جو بار وڌيو آهي، سمورن شعبن کي معيشت جي استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي مدبراڻي سوچ ۽ ان جي باصلاحيت ٽيم سبب ملڪ معاشي لحاظ کان اڳتي وڌي رهيو آهي، مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ ٿي آهي، گروٿ کي لاڳيتو اڳتي وٺي وڃڻو اهي. وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ هاڻي سٽي بازي نه هلندي، اسان ان کي سپورٽ نه ڪنداسين، سعودي عرب، دبئي، واشنگٽن ۽ ٻين ملڪن مان ٿي آيو آهيان، مون کي ڪٿي به سمنڊ پار پاڪستانين جي ناراضگي نظر نه آئي ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جو ٿورائتو آهيان، اميد ڪيان ٿو ته هلندڙ سال پرڏيهه مان موڪليل ناڻو 35 ارب ڊالرن جي ويجهو ٿي ويندو. هن چيو ته روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ۾ لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي، ان سلسلي ۾ حڪومت جيڪو ڪم ڪري رهي آهي، اهو پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي، اصل ڪم پرائيويٽ سيڪٽر کي ڪرڻو آهي، حڪومت ملڪي ترقي لاءِ پرائيويٽ سيڪٽر جي هر لحاظ سان مدد ڪندي، جڏهن ته پرائيويٽ سيڪٽر کي هر شعبي ۾پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي. محمد اورنگزيب چيو ته اسان جي مڪمل سپورٽ ۽ دعا پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم سان آهي، پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم پوري جوش ۽ جذبي سان ڄمي کيڏي، ان موقعي تي فيصل بئنڪ جي صدر ۽ سي اي او يوسف حسين چيو ته لاهور جي خوشگوار فضا ۽ راندين جو جذبو ان کي فيصل بئنڪ ايس او پي يونيفائيڊ ميراٿن لاءِ بهتري پس منظر فراهم ڪري ٿو.