ڊيره غازي خان -22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڊيره غازي خان جي مقامي اڳواڻن ۽ پارلياماني اڳواڻن مُلاقات ڪئي، ڊيره غازي خان جي هڪ ڏينهن جي دوري دوران مُلاقات ۾ مقامي اڳواڻن مُلڪ جي تازي استحڪام تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو، هنن علائقي ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن تي حڪومت جا ٿورا مڃيا، وزيراعظم اڳواڻن کي عوامي ڀلائي جي لاءِ متحرڪ ڪرادر ادا ڪرڻ جو چيو ۽ لاڳاپيل علائقن ۾ ترقياتي ڪمن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف ڪامياب جلسو منعقد ڪرڻ تي ڊيره غازي خان جي عوام کي خراج تحسين پيش ڪيو، مُلاقات دوران منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، صنعت وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُالله به موجود هُئا.