اسلام آباد-22 فيبروري(اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار گڏيل عرب امارتن جي هم منصب شيخ عبدالله بن زيدالنيهان ۽ پرڏيهي وزير جي دعوت تي ابوظهبي ۾ ٿيل ملاقات دوران واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاعي ۽ عوامي رابطن سميت اهم شعبن ۾ ٻه طرفو سهڪار وڌائڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي ۽ عالمي واقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، امن استحڪام ۽ خوشحالي کي هٿي وٺرائڻ جي اهميت تي پڻ زور ڀريو. سينيٽر اسحاق ڊار گڏيل عرب امارتن جي اڳواڻي ۾ 11 کان 13 فيبروري 2025ع تائين دبئي ۾ ورلڊ گورنمنٽ سمٽ 2025ع جي ڪامياب طريقي سان منعقد ٿيڻ تي مبارڪ ڏني ۽ عالمي طور تي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل قومن جي ڏور رس قدمن جي تعريف ڪئي، اسحاق ڊار گڏيل عرب امارتن پاران پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏيل سهڪار تي پڻ شڪريو ادا ڪيو. جنهن جي جواب ۾ شيخ عبدالله بن زيد النهيان پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ گڏيل عرب امارتن جي پختي عزم جو اظهار ڪيو. هن علائقائي استحڪام ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار جو اعتراف ڪيو ۽ گڏيل عرب امارتن جي ترقي ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڪردار جي تعريف ڪئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي وارن علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هم آهنگي لاءِ باقاعدگي سان اعلي سطح جا رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات جي پڄاڻي تي ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن جي لاڳاپن جي مستقبل ۽ هڪ خوشحال، پر امن ۽ مستحڪم خطي لاءِ پنهنجي گڏيل ويزن جي تڪميل بابت اميد جو اظهار ڪيو.