اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي)واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي آذربائيجان جي دوري سان گڏيل تعاون ۽ ترقيءَ جون نيون راهون کلنديون، معاشي تعاون ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ حڪومت جي اهم ترجيح آهي، آذربائيجان سان مختلف شعبن ۾ لاڳاپن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، باڪو مان پي ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان سان سمورن شعبن ۾ تعاون جو خواهشمند آهي، جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط حصيداري کي هٿي ملندي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو آذربائيجان جو دورو وڏي اهميت رکي ٿو، معاشي تعاون ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ حڪومت جي اهم ترجيح آهي، آذربائيجان سان ملڪ شعبن ۾ لاڳاپن ۾ واڌ ٿي رهي آهي. باڪو ۾ ٿيندڙ گڏيل بزنس فورم سان تعاون سان نيون راهون کلنديون. هن چيو ته پاڪستان مان 85 ڪمپنيون بزنس فورم ۾ شريڪ ٿي رهيون آهن. ٻنهي ملڪن جي 150 کان وڌيڪ ڪمپنين وفد ۾ شرڪت ڪئي آهي. ڄام ڪمال خان چيو ته آذربائيجان سان مختلف شعبن ۾ لاڳاپن ۾و اڌ ٿي رهي آهي، ٻه طرفي واپار ۾ واڌ لاءِ قدمن جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. آءِ ٽي، زراعت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون ۾ واڌ ترجيح آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون جي 12 پروٽوڪولز تي صحيحيون ٿي چڪيون آهن.