اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي بهترين پاليسين ۽ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب سميت ايف بي آر جي چيئرمين جي ڪوششن سان ٽيڪس نظام ۾ مثبت تبديلي حڪومت ونڊ فال ٽيڪس کي برقرار رکندي 16 بئنڪن کان 23 ارب روپيا وصول ڪري ورتا. ناڻي واري وزارت طرفان جاري بيان موجب ايف بي آر سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001 جي سيڪشن 99 ڊي تحت هڪ ئي ڏينهن ۾ ڪاميابي سان اها رقم بئنڪن کان وصول ڪئي آهي. حڪومت عام ماڻهو تي بار وجهڻ بدران منصفاڻي ۽ مساوي ٽيڪس نظام کي يقيني بڻايو آهي. هي سنگ ميل وزيراعظم شهباز شريف جي مضبوط ۽ دانشمنداڻي قيادت ۽ناڻي واري وزير جي فعال پاليسين ۽ منصفاڻي ۽ مساوي ٽيڪس نظام کي يقيني بڻائڻ ۾ ايف بي آر جي ڪوششن جي عڪاسي آهي. اٽارني جنرل آف پاڪستان اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، ايف بي آر جي چيئرمين ۽ قانوني ٽيمن هن ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اشرافيه معاشي بي ضابطگين مان فائدو کڻندي غير معمولي منافعو ڪمايو جنهن سبب ٽيڪس جو بار متناسب طور گهٽ آمدني وارن گروهن کي برداشت ڪرڻو پيو. وزيراعظم جي اڳواڻي ۾ حڪومت پرڏيهي ادارن سان پيدا ٿيل غير معمولي فائدن تي منصفاڻي ٽيڪس لڳائي صورتحال بدلائي ڇڏي آهي، هي نظام سڄي دنيا ۾ لاڳو آهي، ان جي ڪاميابي سان حڪومت هاڻي اشرافيه تي ڄاڻايل ٻين رڪيل ٽيڪسن تي به عمل پيرا آهي.