لاهور-21 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته حڪومت نوجوانن جي بهتر مستقبل لاءِ اهم قدم کڻي رهي آهي. اسان نوجوانن کي چئي رهيا آهيون ته ليپ ٽاپ وٺو ۽ پنهنجون زندگيون ٺاهيو. هن اعلان ڪيو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت ڏيڍ لک ليپ ٽاپ نوجوانن کي انٽريسٽ فري 4 سالن جي قسطن تي ڏنا ويندا. هو لاهور ۾ ايوان اقبال ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته حڪومت پهريون ڀيرو ڪامن ويلٿ يوٿ الائنس جو سيڪريٽريٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام هاڻ 56 ملڪن تائين پکڙجي چڪو آهي. هن چيو ته حڪومت نوجوانن کي عالمي سطح تي موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ 6 کان 6.5 لک نوجوانن کي پرڏيهه ۾ روزگار ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي. يونيورسٽين لاءِ بحال ٿيل گرانٽس ۽ تعليمي موقعا فراهم ڪري رهيا آهيون. جڏهن ته اڳوڻي حڪومت يونيورسٽين جي گرانٽس ۽ اسڪالرشپس بند ڪري ڇڏي هئي جنهن سان تعليمي ادارن کي مشڪلاتن جو مُنهن ڏسڻو پيو. هن چيو ته موجوده حڪومت هي سمورا اسڪالرشپس بحال ڪري ڇڏيا آهن ۽ـ تعليمي بجيٽ ۾ نمايان واڌ ڪئي پئي وڃي. ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ واضح تعليمي بجيٽ نظر ايندو. يونيورسٽين جو آڊٽ شروع ڪيو ويو آهي ۽ ماضيءَ ۾ ٿيل ڀرتين جو جائزو ورتو پيو وڃي. گورننس جي ماڊل ۾ تبديليون آڻي رهيا آهيون ته جيئن تعليمي معيار کي بهتر ڪري سگهجي. هن اعلان ڪيو ته پاڪستان جي نوجوانن لاءِ جلد ئي دنيا جي بهترين ڊجيٽل حب جو افتتاح ڪيو ويندو، ان کان علاوه ماسٽر ڪلاسز جي شروعات ڪئي پئي وڃي ته جيئن نوجوان پنهنجي مهارتن ۾ بهتري آڻي سگهي ۽ عالمي سطح تي چٽاڀيٽي جي قابل بڻجي سگهجن. هن چيو ته عالمي ادارن اندر انڊيڪيٽر موجب پاڪستان ترقي جي راهه تي گامزن ۽ سڄي دنيا مان سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ اچي رهيا آهن. هن چيو ته اسان هن پاڪستان کي اقبال جو پاڪستان بڻائي رهيا آهيون. نوجوانن کي مخاطب ٿيندي هن چيو ته حڪومت انهن جي محفوظ مستقبل لاءِ سمورا قدم کڻي رهي آهي جيڪي شاگرد نمايان ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندا انهن کي ايوارڊز پڻ ڏنا ويندا. هن ٻُڌايو ته پاڪستان کي پهريون ڀيرو يوٿ منسٽر ٽاسڪ فورس جي چيئرمين شپ ملي چڪي آهي جيڪو هڪ اهم اعزاز آهي، جلد ئي ٻن ڏينهن وارو يوٿ ميلو منعقد ڪيو ويندو جتي نوجوانن کي ترقيءَ جا موقعا فراهم ڪيا ويندا. هن چيو ته حڪومت جو ڪم نوجوانن کي مثبت رُخ ڏيڻ آهي، پاڪستان جي نوجوانن جي ذهنن ۾ هاڻ اها ڳالهه ويهي چڪي آهي ته کين پنهنجو مستقبل پاڻ ٺاهڻو آهي.