اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ 5 سالن ۾ ملڪي روانگي واپار کي 60 ملين ڊالر تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ جامع ۽ موثر حڪمت عملي جوڙڻ، معيشت جي ترقي ۽ روانگي واپار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ معاشي ٽيم کي ٽيرف جي نظام ۾ پائيدار سڌارا متعارف ڪرائڻ ۽ روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ سروسز، آءِ ٽي ۽ زراعت جي شعبن تي خاص ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪي روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ کنيل قدمن جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ 5 سالن ۾ ملڪي روانگي واپار کي 60 بلين ڊالر تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ جامع ۽ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن معيشت جي ترقي ۽ روانگي واپار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ معاشي ٽيم کي ٽيرف جي نظام ۾ پائيدار سڌارا متعارف ڪرائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ٽيرف جي اگهن کي گهٽ ۽ نظام کي عام فهم ۽ آسان بڻايو وڃي، ٽيرف ۾ سڌارا آڻي صنعتن جي پيداواري صلاحيتن ۾ اضافي جي حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي. وزيراعظم روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ سروسز، آءِ ٽي ۽ زراعت جي شعبن کي خاص ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي، روانگي واپار تي ٻڌل معاشي ترقي ”اڏار پاڪستان“ ويزن جو اهم جز آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته برآمدي صنعتن جي ترقي جي لاءِ ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ فنڊ جي گورننس نظام ۾ ضروري سڌارا ڪيا وڃن. اجلاس ۾ وزيراعظم کي واپار واري وزارت ۾ سڌارن جي اڳڀرائي ۽ ايندڙ 5 سالن ۾ روانگي واپار جو هدف 60 ملين ڊالر تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ قدمن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته گذريل ٻن سالن ۾ ٽيرف ۾ ترتيبوار گهٽتائي ڪئي وئي، روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ واپار واري وزارت هر سال پاڪستان ۾ عالمي سطح جي نمائشن جي ميزباني ڪري ٿي، 30 – 2025ع اسٽريٽجڪ ٽريڊ پاليسي فريم ورڪ تي سمورين ڌرين سان مشاورت جاري آهي. اي ڪامرس پاليسي تي مشاورت تڪميل جي آخري مرحلن ۾ آهي ۽ ايندڙ مهيني ڪابينا جي منظوري جي لاءِ پيش ڪئي ويندي، پاڪستاني مصنوعات کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ نيشنل ڪمپلائنس سينٽر تيار ٿي چڪو آهي. بريفنگ دوران اهو به ٻڌايو ويو ته سينٽر پاڪستان جي برآمدي صنعتن جي صلاحيتن ۾ اضافي ۽ تربيت جا پروگرام جوڙيندو. اجلاس ۾ واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، ايف بي آر چيئرمين راشد محمود لنگڙيال ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا.