نيويارڪ – 20 – فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ جي ٽن ڏينهن جي دوري کانپوءِ اسلام آباد روانو ٿي ويو. دوري دوران هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ گهڻ رخي ۽ گلوبل گورننس تي ٿيندڙ اعليٰ سطح جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي جنهن جو انعقاد چين ڪيو هو. نائب وزيراعظم آمريڪا جي دوري ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز ۾ او آءِ سي جي سفيرن جي اجلاس کي پڻ خطاب ڪيو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ۽ چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي عرب ۽ هنگري جي اعليٰ عملدارن سان وچ اوڀر جي بحران، غزه جي سنگين انساني صورتحال ۽ تباهه ٿيل علائقي جي نئين سر تعمير سميت اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن پاڪستاني ڪميونٽي کي پڻ خطاب ڪيو ۽ انهن جي مسئلن بابت انهن جي سوالن جا جواب ڏنا. هن پاڪستانين تي زور ڏنو ته اهي مٽاسٽا جو ناڻو وطن موڪلين ۽ پنهنجي ملڪ جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪن. دوري جي پڄاڻي تي نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار کي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم، متبادل مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد، آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ، گڏيل قومن ۾ نائب مستقل نمائندي عثمان جدون، نيويارڪ ۾ قونصل جنرل عامر احمد اتوزئي ۽ ٻين عملدارن رخصت ڪيو.