ڪراچي-20 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ٽرانسپورٽ کاتي سڄي سنڌ ۾ ان فٽ ڪمرشل گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آھي. هن چيو ته ڪيتريون ئي گاڏيون ٻين صوبن جي موٽر وھيڪل انسپيڪٽرز جا جاري ڪيل فٽنس سرٽيفڪيٽ استعمال ڪري رھيون آھن، ھي ھڪ سنگين مسئلو آھي، ڇاڪاڻ تھ انھن گاڏين جو سنڌ جي ايم وي آئز (موٽر وھيڪل انسپيڪٽرز) ذريعي فزيڪل معائنو نه ٿيو آھي ۽ نه ئي انھن گاڏين کي مقرر ڪيل طريقيڪار تحت فٽنس سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ويا آھن. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو آھي ته ٻين صوبن ۾ رجسٽرڊ ڪيتريون ئي ڪمرشل گاڏيون مستقل طور تي سنڌ ۾ ھلي رھيون آھن، اھڙين گاڏين کي ٻين صوبن جي اختيارين پاران فٽنس سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ويا آھن، اسان کي لڳي ٿو تھ سرٽيفڪٽيس جاري ڪرڻ وقت گاڏين جو معائنو نه ڪيو ويو آهي ۽ انھن سرٽيفڪيٽس جي صداقت ۽ معيار تي سواليا نشان آھي. ھن چيو تھ سنڌ جي روڊن تي ان فٽ گاڏين جي موجودگي ٽريفڪ حادثن ۽ حياتيون کسڻ وارن واقعن ۾ واڌ جو سبب بڻجي رهيون آهن، مشيني خرابين جي ڪري ڊرائيورن ۽ پيدل ھلڻ وارن جون حياتيون داءُ تي لڳل رھنديون آھن. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سڄي سنڌ ۾ رجسٽرڊ ڪمرشل گاڏين کي نوان فٽنس سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻا پوندا، فٽنس سرٽيفڪيٽس سنڌ جا ايم وي آئز ذريعي جاري ڪيا ويندا ۽ اُنھن ۾ ڪيو آر ڪوڊ سميت جديد سڪيورٽي فيچرز شامل ھوندا. ھن چيو تھ ٻين صوبن ۾ رجسٽرڊ پر سنڌ ۾ مستقل طور تي ھلندڙ ڪمرشل گاڏين کي بھ سنڌ سرڪار کان فٽنس سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻا پوندا، روٽ پرمٽ جي جاري ٿيڻ يا تجديد وقت، سمورين ڪمرشل گاڏين کي ڪيو آر ڪوڊ وارو مستند سرٽيفڪيٽ پيش ڪرڻ ضروري ھوندو،سمورين ڪمرشل گاڏين جي ڊرائيورن وٽ مستند ڊرائيونگ لائسنس ھجڻ بھ لازمي قرار ڏنو ويو آھي.سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ انھن قدمن جو مقصد سنڌ ۾ ھلندڙ ڪمرشل گاڏين جو مناسب معائنو ۽ تصديق يقيني بڻائڻ ۽ غير موزون گاڏين جي ڪري ٽريفڪ حادثن ۾ گھٽتائي آڻڻ آھي، ان فٽ گاڏين جي بنا ڪنھن روڪ رنڊڪ جي چُرپُر انساني حياتين لاءِ وڏو خطرو آھي،هن چيو ته سمورين ڪمرشل گاڏين کي ھڪ شفاف فٽنس سرٽفڪيشن سسٽم ۾ آندو پيو وڃي.