راولپنڊي-20 فيبروري (اي پي پي) پاڪ فوج ۽ جمهوريه ترڪيه جي فوج وچ ۾ دهشتگرديءَ جي خاتمي جي شعبي ۾ ٻن هفتن تي ٻَڌل پاڪ- ترڪيه گڏيل مشق اتاترڪ XIII جي پڄاڻيءَ واري تقريب چراٽ پاڪستان ۾ منعقد ٿي. آءِ ايس پي آر موجب اها مشق 10 فيبروري کان شروع ٿي هئي جنهن ۾ پاڪ فوج جي اسپيشل سروسز گروپ (ايس ايس جي) جي 2 ڪامبيٽ ٽيمن ۽ جمهوريه ترڪيه جي اسپيشل فورسز جي 36 آفيسرن ۽ جوانن شرڪت ڪئي. پڄاڻيءَ واري تقريب ۾ ڪمانڊر 11 ڪور خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته جمهوريه ترڪيه کان برگيڊيئر جنرل احمد آسڪ به تقريب جو مشاهدو ڪيو. مشق دوران ٻنهي ملڪن جي فوجي جوانن پيشيوراڻي مهارت جي اعليٰ ترين معيار جو مظاهرو ڪيو. ان گڏيل مشق جو مقصد دهشتگرديءَ جي خاتمي جي عملي تجربن جي مٽاسٽا، عسڪري صلاحيتن کي وڌيڪ نکارڻ ۽ پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ تاريخي فوجي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ هو. گڏيل تربيت جي نتيجي ۾ شريڪ جٿن کي جديد جنگي مهارتن جي مٽاسٽا ۽ پيشيوراڻي ترقيءَ جا موقعا ميسر آيا، جنهن سان ٻنهي ملڪن جي فوجن کي دهشتگرديءَ خلاف حڪمت عملين کي بهتر بنائڻ ۾ مدد ملي.