اسلام آباد-20 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان ڪالهه پارليامينٽ هائوس اسلام آباد جي ڪيفي ٽيريا جو دؤرو ڪيو ۽ اتي ٿيندڙ رنگ روغن جي ڪم جو جائزو وٺڻ سميت کاڌي جي معيار جو به جائزو ورتو. ان موقعي تي وقتي چيئرمين ڪيفي ٽيريا جي انتظاميه تي زور ڀريندي چيو ته پارليامينٽ هائوس ۾ دؤرو ڪندڙ معزز مهمانن ۽ ملازمن لاءِ معياري ۽ صحت بخش کاڌي جي دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي. هن واضح ڪيو ته کاڌي جي معيار تي ڪنهن به قسم جو ٺاءُ قبول نه ڪيو ويندو ۽ صفائيءَ جي اعليٰ معيار کي برقرار رکڻ انتظاميه جي پهرين ترجيح هئڻ گهرجي. سيدال خان وڌيڪ چيو ته صحتمند ۽ صفائي سٿرائي ملازمن جي ڪارڪردگيءَ تي مثبت اثر وجهي ٿو ۽ هي اسان جي ذميداري آهي ته اسان اهڙن ادارن ۾ بهتر سهولتون فراهم ڪريون ته جيئن نه صرف هتي ڪم ڪندڙ ملازم پر پارليامينٽ ۾ ايندڙ معزز مهمان به خوشگوار ماحول جو تجربو ڪن. هن ڪيفي ٽيريا ۾ ٿيندڙ رنگ روغن جي ڪمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڏني ته وڌيڪ بهتريءَ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن کاڌي جي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي. وقتي چيئرمين صفائي جي حوالي سان به خاص هدايتون جاري ڪندي چيو ته هي صرف هڪ ڪيفي ٽيريا تائين محدود نه هئڻ گهرجي پر پوري ملڪ ۾ عوامي هنڌن تي صفائي سٿرائي ۽ معياري کاڌي پيتي جي فراهميءَ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته صحتمند خوراڪ نه صرف ماڻهن جي بهتر زندگيءَ ۾ مدد ڏئي ٿي پر ملڪ جي مجموعي ترقيءَ ۾ به مددگار ثابت ٿئي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت عوامي هنڌن جي بهتري، ماحول جي صفائي ۽ صحت جي اصولن کي اختيار ڪرڻ تي ڀرپور محنت ڪري رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪيترائي اهم قدم کنيا پيا وڃن. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته پارليامينٽ هائوس جي ڪيفي ٽيريا کي هڪ ماڊل طور پيش ڪيو وڃي ته جيئن ملڪ جا ٻيا ادارا به ان مان پنهنجي رهنمائي حاصل ڪري پنهنجي انتظامن کي بهتر بڻائين.