اسلام آباد-20 فيبروري (اي پي پي) عالمي بئنڪ چيو آهي ته بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري، مارڪيٽ جي شفافيت، بهتر حڪمراني ۽ چُرپر جي خرچن کي گهٽ ڪري اقتصادي ترقيءَ کي هٿي ڏئي سگهجي ٿي. اها ڳالهه عالمي بئنڪ جي هڪ تازي تحقيقي رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. شرنڪنگ اڪنامڪ ڊسٽنس جي نالي سان جاري رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته اُسرندڙ ملڪ چُرپر جي وڌيڪ خرچن کي مُنهن ڏئي رهيا آهن، جنهن سبب سندن معيشتن کي نقصان پهچي رهيو آهي، اُسرندڙ ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آمدني وارن ملڪن ۾ ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ جا خرچ وڌيڪ ٿين ٿا، انهن ملڪن ۾ خراب روڊن، بندرگاهن ۽ ريلوي جي ناڪافي نيٽ ورڪس سبب لاڳت ۽ وقت ٻئي وڌيڪ ٿين ٿا. رپورٽ موجب ڪجهه ملڪن ۾ ٽرانسپورٽ مارڪيٽ ۾ ٺيڪيداري ۽ غير چٽاڀيٽي روين سبب ڪراين جي شرح وڌيڪ آهي، جڏهن ته سرحدي رڪاوٽون ۽ ضابطا به لاڳت ۾ واڌ جو سبب بڻجي رهيا آهن. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ وڌيڪ فاصلي لاءِ ڪرايي جي شرح گهٽ فاصلي جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي. ڪراچي کان باغ آزاد ڪشمير تائين ٽرانسپورٽ جا خرچ ڪراچيءَ کان ڪوٽڙي جي ڀيٽ ۾ 78 سيڪڙو گهٽ آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته اعليٰ معيار جا روڊ ۽ بندرگاهون سامان جي رسد جي خرچن کي گهٽ ڪري سگهن ٿيون، اهڙيءَ طرح نجي شعبي جي شموليت ۽ بندرگاهن ۾ ڊجيٽلائيزيشن سان ڪارڪردگيءَ ۾ بهتري اچي سگهي ٿي. رپورٽ موجب چُرپُر جي خرچن ۾ گهٽتائيءَ سان نه صرف عالمي پر مقامي واپار ۾ به واڌ ممڪن آهي.