ابوظهبي – 20 فيبروري (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن جي صدر شيخ محمد بن زايد آل نهيان سان آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪوروبيو جي ملاقات دوران ٻه طرفه سهڪار ۽ مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي طريقن جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي خابرو اداري موجب ابوظهبي ۾ ٿيل ملاقات جي دوران ٻنهي اڳواڻن خاص طور تي وچ اوڀر ۽ فلسطيني علائقن جي صورتحال ۽ غزه بحران بابت جاري سفارتي ڪوششن سميت علائقائي ۽ بين الاقوامي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اماراتي صدر فلسطيني عوام کي ان جي سر زمين تان بي دخل ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي رد ڪندي ٻه رياستي حل ذريعي پائيدار امن جي رستي جي ضرورت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ ابوظهبي جي نائب حڪمران ۽ قومي سلامتي جو صلاحڪار شيخ طحنون بن زايد آل نهيان، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زايد آل نهيان ۽ ٻيا عهديدار به موجود هئا.