رباط – 20 فيبروري (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان يو اين سيڪريٽري جنرل جي نمائندي جان ٽوڊٽ ۽ يورپي ڪميشن لاءِ يو اين جي ايگزيڪٽو سيڪريٽري ٽٽيانامولڪين سان مراڪش ۾ ملاقاتون ڪيون آهن جن ۾ پاڪستان ۾ مواصلات جي ذريعن تي بريفنگ ڏني وئي ۽ شاهراهن کي محفوظ بڻائڻ ۽ روڊ سيفٽي جو عالمي معيار لاڳو ڪرڻ جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گذريل ڏينهن هتي جاري بيان مطابق وفاقي وزير عبدالعليم خان سان يو اين سيڪريٽري جنرل جي نمائندي جان ٽوڊٽ پاڪستان ۽ ٻين ملڪن ۾ روڊ انفرااسٽرڪچر تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ مواصلات جي ذريعن کي عالمي معيار مطابق ڪيو پيو وڃي. موٽرويز تي ايم ٽيگ ۽ اي ٽڪيٽنگ کي موثر طريقي سان لاڳو ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته موبائل ايپ، ٽريول ايڊوائزري، روڊن جي صورتحال ۽ موسمياتي اطلاعن جهڙي معلومات جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي. شهرين جي تحفظ لاءِ قومي شاهراهن تي ”ايڪسل لوڊ“ جي پابندي يقيني بڻائي رهيا آهيون. يو اين سيڪريٽري جنرل جي نمائندي جان ٽوڊٽ شاهراهن کي محفوظ بڻائڻ ۽ روڊ سيفٽي جي عالمي معيارن تي عمل جي ضرورت تي زور ڏيندي ان حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي. هن چيو ته گڏيل قومن جي چارٽر مطابق سمورن ملڪن کي روڊ سيفٽي قدمن کي يقيني بڻائڻو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ شاهراهن تي حادثن ۽ فوتگين جي گهٽتائي اطمينان جوڳي آهي. وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ جان ٽوڊنٽ وچ ۾ موجوده عالمي حالتن تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي.