اسلام آباد-18 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جو اجلاس 21 فيبروري 2025ع جمعي ڏينهن ساڍي 10 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. اڱاري ڏينهن سينيٽ اجلاس سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سوالن واري وقفي سميت مختلف معاملا اڪلايا ويا، جنهن بعد سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جو اجلاس 21 فيبروري جمعي صبح ساڍي 10 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.