اسلام آباد – 18 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ رجب طيب اردوان انٽرچينج کي ٽريفڪ جي لاءِ کولڻ جو باضابطا افتتاح ڪري ڇڏيو ۽ چيو آهي ته رجب طيب اردوان انٽرچينج جي تڪميل سان جاڙن شهرن جي ماڻهن کي سهولت ٿيندي، جناح اسڪوائر کانپوءِ هڪ ٻيو شاندار عوامي منصوبو تڪميل تائين پهتو آهي، وفاقي گادي واري شهر کي خوبصورت بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ منصوبا پڻ مڪمل ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن رجب طيب اردوان (ايف ايٽ اسلام آباد) انٽرچينج ٽريفڪ جي لاءِ کولڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، محمد حنيف عباسي ۽ پاڪستان ۾ ترڪيه جو سفير عرفان نذير اوغلو پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته جناح اسڪوائر کانپوءِ هڪ ٻيو شاندار عوامي منصوبو تڪميل تائين پهتو آهي، فلاءِ اوور، يوٽرن ۽ رستن جي تعمير جي ان منصوبي سان اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي شهرين کي سهولت ٿيندي، گهرو وزير، سي ڊي اي چيئرمين محمد علي رنڌاوا ۽ منصوبي سان واڳيل ٻين عملدارن کي محسن نقوي اسپيڊ جي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، گهٽ مدي ۾ منصوبي جي تڪميل ساراهه جوڳي آهي. هن چيو ته وفاقي گادي واري شهر ۾ ترقياتي ڪم ڏسي خوشي محسوس ٿي رهي اهي، 84 ڏينهن ۾ تجويز ڪيل لاڳت کان به گهٽ لاڳت ۾ اهو منصوبو مڪمل ڪيو ويو آهي، اسلام آباد کي وڌيڪ خوبصورت بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ منصوبا پڻ مڪمل ڪيا ويندا، سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ کي فوري طور تي مڪمل ڪرڻ اسلام آباد جي شهرين جي لاءِ تمام ضروري آهي، ان سان ماڻهن کي فائدو پهچندو، هن افتتاحي تقريب جون تصويرون ۽ وڊيو ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان کي پڻ موڪليندس جيڪو پاڪستان جو دوست ۽ خيرخواهه آهي، ترڪيه جي صدر جي اچڻ تي اسلام آباد کي خوبصورتي سان سجايو ويو هو، ان کي پيغام پهچائينداسين ته پاڪستان ۽ ترڪيه ڀائر ملڪ ۽ بهترين دوست آهن. تقريب کي خطاب ڪندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته هن منصوبي کي بجيٽ ۾ مخصوص رقم کان به گهٽ لاڳت ۽ رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي، هن منصوبي سان اسلام آباد جي خوبصورتي ۾ اضافو ٿيو آهي. سي ڊي اي چيئرمين بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته منصوبي جي تڪميل جو عرصو 180 ڏينهن مقرر ڪيو ويو هو پر ان کي 84 ڏينهن ۾ مڪمل ڪيو ويو، هن منصوبي ۾ ايف ٽين سان واڳيل 4.3 ڪلوميٽر جا رستا به تعمير ڪيا ويا آهن، برسات جي پاڻي جي نيڪالي جي لاءِ 2 ڪلوميٽر ڊگها نالا به ٺاهيا ويا آهن، منصوبي جي تڪميل سان ڏهاڙي 70 هزار گاڏيون ان فلاءِ اوور مان فائدو کڻنديون، منصوبو مڪمل ٿيڻ کان اڳ ايف ايٽ چوڪ کان روزانو 41 هزار جي لڳ ڀڳ گاڏيون گذرنديون هيون، هن منصوبي سان سيڪٽر جي ايٽ، جي نائين، ڪشمير هاءِ وي ۽ سينٽورس مال طرف ايندڙ شهري فائدو کڻندا، منصوبي ۾ شامل 1.3 ڪلوميٽر ڊگهي انڊر پاس جي 42 ڏينهن ۾ تڪميل ڪئي وئي آهي، منصوبي ۾ 1.1 ڪلوميٽر ڊگهو فلاءِ اوور پڻ تعمير ڪيو ويو آهي.