اسلام آباد -17 فيبروري (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان چيو آهي، ته حج انتظام سهڻي طريقي سان جاري آهن، تربيت جو پهريون مرحلو 27 فيبروري تي ختم ٿيندو جڏهن ته ٻيو مرحلو رمضان المبارڪ پوءِ شروع ٿيندو. حج فلائيٽ شيڊيول رمضان المبارڪ کان پوءِ شوال ۾ جاري ڪيو ويندو. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان اي پي پي سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته هي هڪ ڏينهن واري تربيت آهي، 3 کان 4 ڪلاڪن ۾ تربيتي عمل مڪمل ٿيڻو آهي، گذريل ڏينهن ۽ اڄ 18 فيبروري تي قلعه عبدالله، رحيم يار خان، فيصل آباد، مالا ڪنڊ، اسڪردو، اپر دير، لوئر دير ۽ زوب ۾ تربيتي پروگرام ترتيب ڏنا ويا. 19 فيبروري تي قلعه سيف الله، سيالڪوٽ، نارو وال ۽ چمن، 20 فيبروري تي نارو وال، راجن پور، شانگا ۽ سوات، 21 فيبروري تي بارکان ۽ ڊي جي خان، 22 فيبروري تي ليه ۽ لورالائي، 23 فيبروري تي گهوٽڪي، مظفر ڳڙهه، 24 فيبروري تي لورا لائي، مظفر ڳڙهه ۽ نوشهروفيروز، 25 فيبروري تي دادو، ڄامشورو ۽ زيارت، 26 فيبروري تي لاڙڪاڻو، ڪوئيٽا ۽ شهدادپور جڏهن ته 27 فيبروري تي آخري ڏينهن ڪشمور، خيرپور، جيڪب آباد ۽ سکر ۾ ٿيندي. اهڙي طرح تربيت جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويندو. ٻئي مرحلي ۾ حج تربيتي پروگرام رمضان المبارڪ کان پوءِ شروع ٿيندو جنهن ۾ انتظامي معاملا ۽ حج جي رڪنن جي ادائگي جي حوالي سان تربيت ڏني ويندي. هن چيو ته 14 تائين سرڪاري اسڪيم جي 80 هزار حاجين حج بقايائن جي ٽين قسط جمع ڪرائي ڇڏي آهي. هن چيو ته حج انتظامن جو ايندڙ مرحلو ويڪسينز ۽ دوائن جي خريداري جو هوندو جنهن لاءِ اشتهار شايع ٿي چڪا آهن. هن چيو ته مذهبي معاملن واري زوارت حج پانڌيئڙن جي بائيوميٽرڪ جو شيڊول پاڪ حج موبائيل ايپ تي جاري ڪندي. حج پانڌيئڙا گهر ويٺي سعودي ويزا بائيو ايپ ذريعي ويزا لاءِ درخواست ڏئي سگهندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته رمضان المبارڪ کان پوءِ شوال ۾ حج فلائيٽ شيڊيول جاري ڪيو ويندو.