اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي، ته پاڪستان چين سان پنهنجي جاگرافيائي ويجهڙائپ جي بنياد تي زراعت، مواصلات، خلائي ٽيڪنالاجي ۽ صنعت سميت مختلف شعبن ۾ چين جي ترقي مان لاڀ حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهي، پنهنجي چين جي هاڻوڪي دوري دوران سي سي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو جيڪو قومي ٽي وي چينلز تي نشر ٿيو ۾ صدر چيو ته پاڪستان چين سان صدا بهار دوستي کي اولين ترجيح ڏئي ٿو، جيئن ته چين هميشه کان اسان جو ثابت قدم دوست رهيو آهي ۽ هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي، صدر چين، ان جي قيادت ۽ قوم لاءِ پاڪستان جي پختي حمايت کي ورجائيندي چيو ته هو ان مضبوط ترين دوستاڻن لاڳاپن تي پختو يقين رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ ۽ گڏيل وسيع تر تعاون ۽ حصيداري سبب مختلف شعبن ۾ چين جي ترقي ۽ تجربن مان وڌ ۾ وڌ فائدو کڻڻ چاهي ٿو. هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ چين جي ڪاميابين کي پوري دنيا ۽ خطي لاءِ سٺو سنئوڻ قرار ڏنو. صدر چيو ته زراعت هڪ اهڙو شعبو آهي جتي چين اسان جي مدد ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي في ايڪڙ پيداوار چين جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي، خلائي ٽيڪنالاجي ۾ چين پاڪستان تعاون جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان چين جي ٽيڪنالاجي مان لاڀ حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان ان سلسلي ۾ چين سان حصيداري قائم ڪري پنهنجي صلاحيتن ۾ واڌ ڪري رهيو آهي، جيڪو سٺو سنئوڻ آهي. هن چيو ته پاڻي جي استعمال جو معاملو هجي يا موسمياتي تبديلي جو مسئلو هجي پاڪستان پنهنجي ترقي لاءِ چين جي ٽيڪنالاجي کي هر شعبي ۾ ڪتب آڻي سگهي ٿو ۽ پاڪستان چين جي تجربن مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو. صدر سي پيڪ تحت رابطن ۽ ترقي جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو جيڪو تيزي سان پاڪستان جي اقتصادي منظرنامي کي تبديل ڪري رهيو آهي. صدر چيو ته پنهنجي چين جي هاڻوڪي دوري دوران بنهي ڌرين صنعتي ترقي تي ڳالهيون ڪيون. صنعتي پارڪ صرف چين لاءِ هوندا ۽ پاڪستاني مزدورن ذريعي ڪم ڪيو ويندو جڏهن ته ڪنهن به ڪمپني جو چيف ايگزيڪيوٽو چين ۾ ويهي آن لائين ڪاروبار هلائي سگهي ٿو. صدر چيو ته چين پاڪستان صدا بهار دوست آهن. هنن پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ چين جي ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ تي زور ڀريندي چيو ته جيڪڏهن مان پاڻ کي چين جي معيار مطابق ترقي نٿو ڏئي سگهان ته مان چين جي شاندار ترقي مان فائدو حاصل ڪري سگهان ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان پنهنجي مقام ۽ چين جي عوام سان صدين تي ٻڌل لاڳاپن مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو. چين جي عوام سان محبت جو اظهار ڪندي هن چيو ته هو انهن سان محبت ڪري ٿو ۽ هميشه چين سان گڏ بيٺل رهندو. صدر پنهنجي هاڻوڪي دوري کي سهيڙيندي چيو ته ”خيرسگالي، خيرسگالي ۽ خير سگالي“ هي هميشه اعتماد، خيرسگالي ۽ گهرو رشتو هوندو آهي. صدر چين جي صدر شي جن پنگ کي هڪ انتهائي مضبوط ۽ نهايت ثابت قدم اڳواڻ طور ساراهيو جيڪو تمام گهڻين شين کي چڱي طرح سمجهي ٿو. هن چيو ته هو دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ چاهي ٿو ته هو سدا بهار دوست آهن. صدر شي جن پنگ جي سياسي فلسفي ۽ حڪمراني واري ترز کي ڀرپور ساراهيندي هن مشاهدو ڪيو ته چين مختلف شعبن ۾ ترقي ڪئي آهي. چين جي صدر جي اڳواڻي ۾ ترقي جون منزلون طئي ڪيون آهن. تمام وسيع فرق واضح آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا صديون پراڻا آهن ڇاڪاڻ ته ٻنهي ملڪن جا ماڻهو هڪٻئي سان سفر ۽ خيالن جي مٽاسٽا ڪندا رهن ٿا. هن چيو ته هي رشتو انسانيت ۽اعتماد تي ٻڌل آهي. هن چيو ته چين جا ماڻهو ڪڏهن به ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ماڻهن جو قتل عام ڪرڻ نه ويا آهن، چين ڪڏهن به قابض نه رهيو. صدر آصف زرداري جنهن پنهنجي دوري دوران چين جي قيادت سان ملاقاتون ڪيون ۽ چيو ته پاڪستان هڙاپا ۽ موهن جو دڙو جهڙين دنيا جي قديم تهذيبن جو مرڪز رهيو آهي. جڏهن ته چين جي پنهنجي قديم ترين عالمي تهذيب آهي جنهن کين پاڻ ۾ جوڙي رکيو آهي. چين جي ترقي جي باري ۾ هڪ سوال تي هن چيو ته جڏهن به هن چين جو دورو ڪيو هو مختلف شهرن ۾ ٿيل اڳڀرائي کان متاثر ٿيو، هن بيجنگ شهر جو حوالو ڏنو جتي هو 10 سال پهرين آخري ڀيرو ويو هو. هن چيو ته هي حقيقت آهي ته چين جو عوام محنتي آهي. هن چيو ته چين جي قوم جي اجتماعي مفاد لاءِ هر ڪو پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. صدر چيو ته چين 1.4 ارب ماڻهن جو ملڪ آهي ۽ دنيا سندس مقابلو نٿي ڪري سگهي ڇاڪاڻ ته اهو سڀ ڪجهه نئين ٽيڪنالاجي جو معاملو آهي. مختلف شعبن ۾ چين جي تيز رفتار ترقي ۾ هن چيو ته دنيا کي ايتري تيز رفتار اڳڀرائي کان خوفزده نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان هڪ پاڙيسري طور ڄاڻي ٿو ته چيني اهڙا ناهن جو ٻئي ملڪ ۾ مداخلت ڪن. صدر چيو ته چين جي تيز رفتار ترقي جي لحاظ کان مان چين کان ڪڏهن به خوفزاده نه ٿيندس. صدر آصف زرداري هن اعتماد جو اظهار ڪيو ته شنگهائي تعاون تنظيم هڪ اهم عالمي فورم طور ايندڙ سال چين جي سربراهي سنڀالڻ کان پوءِ اڳيان وڌندي.