اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبر پختونخوا ضلع ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي ساراهه ڪندي ڊيره اسماعيل خان ۽ اتر وزيرستان ۾ ڌار ڌار آپريشنز ۾ 15 خوارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ طرفان جاري بيان ۾ وزيراعظم آپريشنز دوران بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻيندڙ ليفٽيننٽ محمد حسان ارشف، نائب صوبيدار محمد بلال، سپاهي فرحت الله ۽ سپاهي همت خان کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ سندن ڪٽنبن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم کي پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي ڪٽنبن تي فخر آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي ملڪ مان خاتمي تائين خوارجين خلاف جنگ جاري رهندي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردن جو ملڪ جي امن کي خراب ڪرڻ جي ناپاڪ عزمن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن پنهنجي حياتين جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ وطن جي حفاظت لاءِ ڏينهن رات مصروف آهن. پاڪستاني قوم پنهنجي بهادر فوج جي ملڪ جي حفاظت جي پختي عزم تي کين سلام پيش ڪري ٿي.